سکر ڀرسان 2 نوجوان مبينا طور اغوا، 40 ڍور به ڦر

سکر ڀرسان 2 نوجوان مبينا طور اغوا، 40 ڍور به ڦر

سکر (بيورو رپورٽ) بچل شاھ ڀرسان پراڻي تڪرار تان مبينا طور هٿياربند ٻن 2 ڄڻن کي اغوا ڪري چوپايو مال ڪاهي ويا. ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد بچل شاھ مياڻي ڀرسان پراڻي تڪرار تان مبينا طور هٿياربند ڳوٺ تي چڙهائي ڪري ٻن نوجوانن امجد لاشاري ۽ واجد لاشاري کي اغوا ڪرڻ سان گڏ 40 ڍور لاهي فرار ٿي ويا. ان ڏس ۾ وڪيل نديم لاشاري مطابق هڪ سال اڳ ائيرپورٽ ٿاڻي جي  حد ۾ ڦر دروان مزاحمت تي وڪيل صدام لاشاري کي برادري جي هٿياربندن قتل ڪيو هو، جن مٿان ڪيس داخل ڪرايو ويو هو ڪجهه جوابدار پوليس گرفتار آهن. قتل ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاء مخالف ڌر ڌمڪائيندي رهي آهي، هٿياربندن ڳوٺ تي چڙهائي ڪري 40 ڍور ڪاهڻ سان گڏ مال ٻن ڄڻن 25 ورهين جو امداد لاشاري ۽ 15 ورهين واجد لاشاري کي اغوا ڪري کڻي ويا آهن. واقعي جو اطلاع حد جي پوليس کي ڏنو آهي پر هن وقت تائين پوليس هن وقت تائين ڪو تحرڪ ناهي ورتو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايئرپورٽ پوليس جو چوڻ آهي. 10 کان 12 ڍور ٻڌايا پيا وڃن، پر اغوا ڪو به ناهي ٿيو.