سکر چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب برسات ۽ ڊرينيج جي پاڻي ۾ ٻڏل

جُولاءِ 28, 2023

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر جي وڏي آبادي برسات ۽ ڊرينيج جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل، گھريلو توڙي ڪاروباري زندگي شديد متاثر

 ان ڏس ۾  سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شھر سکر چونڊيل نمائندن جي لاپرواھي، بي ڌيانيءَ سبب برسات ۽ ڊرينيج جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آھي، 2 ڏينھن اڳ صرف ڏيڍ ڪلاڪ جي برسات سبب شھر جا اڪثر علائقا ٻوڏ جو ڏيک ڏئي رھيا آھن

 پراڻي سکر، وسپور محلا، ٽانگا اسٽينڊ، پيرزادا محلا، حيدر مسجد، معصومي محلا، جيل روڊ، سکر روھڙي روڊ، گھنٽا گھر، مھراڻ مرڪز، مقام روڊ، ريس ڪورس روڊ، جيل ڪالوني، قريشي ڳوٺ، گلشن آباد سميت ڪيترا ئي علائقا ھن وقت به برسات ۽ ڊرينيج جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آھن

 گھرن ۾ 4 کان 5 فوٽن تائين پاڻي بيٺل آھي، چونڊيل نمائندا توڙي ضلعي انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام آھن. ان حوالي سان  شھرين حافظ محبوب سھتو، حاجي جاويد ميمڻ، عيدن جاگيراڻي، چندر ڀان، جئرام داس بختياپوري ۽ ٻين موجب ته برسات سبب علائقا تلائن ۾ تبديل ٿي ويا آھن

 پر ڪو به چونڊيل نمائندو متاثر علائقن ۾ لڙي به ناھي آيو، هنن چيو ته ورھين کان اربين رپيا ڊرينيج نظام جي بھتريءَ تي خرچ ڏيکاريا ويا آھن پر اُن جو ڪو به نتيجو ناھي ملي سگھيو، نوٽيس وٺي ڪرپشن جي جاچ ڪرائي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي

Leave A Comment