سکر ڊويزن ۾ مڪاني چونڊ: 6 اميدوار بنا مقابلي ڪامياب: ڊپٽي ميئر جا سيٽ بچائڻ لاءِ جتن

نومبر 6, 2023

 

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ڊويزن جي 12 خالي مڪاني سيٽن تي ننڍي مڪاني چونڊون اڄ  ٿينديون. اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪري ورتيون

سکر جو ڊپٽي ميئر ۽ چيئرمين ٽائون ڪاميٽي نثار صديقي پنهنجا عهدا برقرار رکڻ لاءِ چونڊ ۾ حصو وٺي رهيا آهن. ان ڏس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ذريعن مطابق سکر ڊويزن جي 3 ضلعن سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن ۾ خالي 12 بلدياتي سيٽن مان 6 سيٽن تي اڄ  ننڍي چونڊ ٿيندي، 6 سيٽن تي بنا مقابلي اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن. جن ۾ 5 پ پ جا اميدوار ۽ هڪ اميدوار آزاد شامل آهي

سکر جي ٽائون ڪاميٽي نثار احمد صديقي جي يوسي بادل فقير جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي خالي سيٽن تي چونڊ ٿيندي، ڄاڻايل سيٽ تي سکر جي ڊپٽي ميئر ڊاڪٽر ارشد مغل پنهنجي ڊپٽي ميئر شپ ۽ ٽائون ڪاميٽي نثار احمد صديقي جو چيئرمين طارق چوهاڻ پنهنجي سيٽ برقرار رکڻ لاءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين شپ طور اليڪشن ۾ حصو وٺندا

جڏهن ته گهوٽڪي جي يوسي ٽو جي جنرل وارڊ هڪ تي ڪائونسلر جي چونڊ ٿيندي، خيرپور جي يوسي گمبٽ جي جنرل وارڊ  6 جي ميمبر جي چونڊ ٿيندي. اهڙي طرح يوسي 7 رئيس حسين بخش دستي تي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر جي چونڊ لاءِ پولنگ ٿيندي، خيرپور ايم سي جي وارڊ  9 تي   جنرل ميمبر جي لاءِ ووٽنگ ٿيندي. خيرپور ضلعي جي ٽائون ڪاميٽي پڪا چانگ جي وارڊ نمبر 2 جنرل ميمبر لاءِ  چونڊ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن جي زريعن مطابق سکر ۾ 4،گهوٽڪي 3 ۽ خيرپور ۾ 12 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون قائم ڪيون وينديون

بلدياتي چونڊ: نوشهروفيروز ۾ 4 پ پ اميدواربنا مقابلي ڪامياب

نوشهروفيروز (رپورٽر) ضلعي نوشهروفيروز ۾ اڄ ضمني بلدياتي چونڊن جي مختلف ڪيٽيگرين جي 4 سيٽن تي چونڊن کان اڳ پ پ جا اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، جن تعلقي ڪنڊيارو جي يوسي سومر چنڙ جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي شوڪت علي ڪلهوڙو، تعلقي ڀريا جي يوسي دليپوٽا جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي غلام مصطفيٰ سولنگي،  تعلقي محرابپور جي يوسي صالح سهتو جي ضلعي ڪائونسل ميمبر تي حسين بخش سهتو ۽ ساڳئي يوسي جي جنرل وارڊ ميمبر تي سجاد حسين ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن.

ڪراچي ۾ 9 مڪاني سيٽن تي ننڍي چونڊ اڄ ٿيندي: تياريون مڪمل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي 5 ضلعن ۾ ننڍي چونڊ اڄ ٿيندي، تياريون مڪمل، سيڪيورٽي ھاءِ الرٽ، مرتضي وھاب جو جماعت اسلامي ۽ ٽي ايل پي اميدوارن سان دنگل ٿيندو، تفصيل موجب ڪراچي جي 5 ضلعن ۾ 9 مڪاني سيٽن تي ننڍي چونڊ اڄ ٿيندي، يوسي 13 صدر ٽائون مان چيئرمين جي سيٽ لاءِ ٽن اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، پيپلز پارٽي طرفان بئريسٽر مرتضيٰ وهاب، جماعت اسلامي طرفان عبيدالله شاهه ۽ تحريڪ لبيڪ پاڪستان طرفان سڪندر آگر اميدوار آهن، جڏھن ته ضلعي ڪياماڙي جي يونين ڪائونسل 3 ماڙيپور مان چيئرمين جي سيٽ لاءِ 3 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جنھن ۾ پيپلزپارٽي طرفان سيف الله، تحريڪ انصاف طرفان محمد زاهد، مسلم ليگ ن طرفان محمد شاهد اقبال اميدوار آهن، ضلعي ملير جي يونين ڪائونسل 7 گڏاپ چيئرمين جي سيٽ تي 4 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، پ پ طرفان سلمان عبدالله مراد، پي ٽي آءِ طرفان عبدالحفيظ جوکيو، جماعت اسلامي طرفان محمد ايوب خاصخيلي، ٽي ايل پي طرفان سليم احمد اميدوار آهن، ضلعي ملير جي يونين ڪائونسل 7 گڏاپ مان وائيس چيئرمين جي سيٽ لاءِ 3 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، جنھن ۾ وائيس چيئرمين لاءِ پيپلز پارٽي طرفان سليم ميمڻ، پي ٽي آءِ طرفان مير محب الله، ٽي ايل پي جو مقبول احمد اميدوار آهن، ضلعي ڏکڻ جي يونين ڪائونسل 12 صدر ٽائون مان وائيس چيئرمين جي سيٽ لاءِ 4 اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو،  پيپلز پارٽي طرفان حامد حسين، تحريڪ انصاف طرفان محمد طاهر، مسلم ليگ ن طرفان گل ويز خان ۽ جماعت اسلامي طرفان سيد عبيدالله شاهه اميدوار آهن، ضلعي ڏکڻ يونين ڪائونسل 06 صدر ٽائون جي وائيس چيئرمين جي سيٽ تي ٽي ايل پي جو محمد شاهه رخ اميدوار آهي.واضح رهي ته يونين ڪائونسل 8 ابراهيم حيدري مان مرتضيٰ وهاب بنا مقابلي چونڊجي ويو آھي، پولنگ صبح 8 وڳي کان شام پنج وڳي تائين بغير وقفي جي جاري رھندي. اليڪشن ڪميشن موجب ضلعي ملير ۽ ڏکڻ ۾ 6 سيٽن تي پولنگ ٿيندي، جڏھن ته اوڀر، ڪياماڙي ۽ سينٽرل جي ٽن سيٽن تي اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو.

ٽنڊوآدم ۾ جي ڊي اي ۽ پ پ اميدوار ۾ مقابلو، پولنگ حساس

ٽنڊوآدم (ن پ ا) ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ 15 تي ضمني اليڪشن اڄ ٿيندي، پ پ ۽ جي ڊي اي اميدوارن ۾ مقابلو ٿيندو، ان ڏس ۾ ٽنڊوآدم ميونسپل ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 15 تان ڪامياب ٿيل پ پ ڪائونسلر صلاح الدين انصاري جي وفات سبب خالي ٿيل سيٽ ضمني اليڪشن ٿيندي، هن وارڊ تي پ پ پاران مرحوم ڪائونسلر صلاح الدين انصاري جو پٽ اشرف الدين انصاري ۽ جي ڊي اي اميدوار غلام مصطفيٰ ساند ۾ مقابلو ٿيندو، هن وارڊ ۾ ٽوٽل مرد ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 3719 آھي، جنهن ۾ 2031 مرد ۽ 1688 عورت ووٽرز رجسٽرڊ آهن، اليڪشن ڪميشن پاران 3 پولنگ اسٽيشنون ٺاهيون ويون آھن، جنهن ۾ 2 مردن ۽ هڪ عورتن لاءِ پولنگ اسٽيشن  آھن، جن ۾ مردن لاءِ 7 پولنگ بوٿ، جڏهن ته عورتن لاءِ 4 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويا آھن، اليڪشن ڪميشن پاران سڀني پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو ويو آھي.

ڪشمور: ضلع ڪائونسل سيٽ تي اڄ ضمني چونڊ: انتظام مڪمل

ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ۾ اڄ يو سي مسووالا جي ضلعي ڪائونسل ميمبر جي سيٽ تي ضمني چونڊ ٿيندي، اليڪشن ۾ پ پ اميدوار محمد رمضان مزاري ۽ ايس يو پي اميدوار الله ڏنو ڪلوڙ ۾ مقابلو ٿيندو، يو سي مسو والا ۾ ٽوٽل 13184 ووٽر آهن جيڪي پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، ان ڏس ۾ 10پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن، جتي سڪيورٽي جا انتهائي سخت انتظام ڪندي 135 پوليس اهلڪارن جون ڊيوٽيون لڳايو ويون آهن، جڏهن ته ڪنھن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ رينجرز اهلڪار پڻ اسٽينڊ باءِ رهندا، واضح رهي ته اڳوڻي ضلعي ناظم سليم مزاري جي پٽ دائود مزاري ان سيٽ تي بنا مقابلي ڪامياب ٿيو هو، جنهن بعد ھن استعيفا ڏئي ڇڏي هئي، جنهن ڪري اها سيٽ خالي ٿي.

Leave A Comment