سکر: گتا فيڪٽري ۾ مزدورن ۾ جهيڙو، هڪ پورهيت باهه ڏئي ساڙي قتل
جُولاءِ 14, 2023
سکر (رپورٽر) سکر جي گَتا فيڪٽري ۾ مزدورن وچ ۾ جهيڙو، هڪ پورهيت کي باهه ڏئي ساڙي قتل ڪيو ويو
سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ميانداد کوسو ۾ واقع گَتي جي فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙ ٻن مزدورن ۾ جهيڙو ٿيو
پوليس موجب جوابدار مراد علي مري ساٿي پورهيت محمد نواز خاصخيلي کي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو
جوابدار مراد علي پورهيت کي کٽ جي پائي سان تشدد ڪيو ۽ گتن ۾ باهه ڏئي لاش ساڙي ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي
مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول ۽ جوابدار خيرپور ويجهو ڳوٺ ٽنڊو نظر علي جا رهواسي آهن