| سکر ۽ شڪارپور ضلعن ۾ 56 انساني جانيون ڳڙڪائيندڙ مهر-جتوئي تڪرار جو جرڳو: اڄ وڌيڪ بيان ۽ فتوا |
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر شڪارپور ۾ هلندڙ مهر جتوئي خوني تڪرار جو سکر سرڪٽ هائوس ۾ سردار علي گوهر خان مهر جي سرپئنچي هيٺ جرڳو، خوني تڪرار 56 کان وڌيڪ انساني جانيون ڳڙڪائي چڪو. ڌرين جا جاني توڙي مالي نقصانن متعلق بيان رڪارڊ، رهيل متاثر ڌرين جا بيان اڄ رڪارڊ ڪرڻ بعد کانپوءِ جرڳي جي فتوا جاري ڪئي ويندي. رپورٽ موجب سکر شڪارپور سان تعلق رکندڙ مهر جتوئي تڪرار جو جرڳو سکر سرڪٽ هائوس ۾ سردار علي گوهر خان مهر جي سرپنچي هيٺ ٿيو. جنهن ۾ غوث بخش خان مهر، شهريار خان مهر، ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي، چيف سردار فتح محمد خان جتوئي، عابد خان جتوئي، امير علي خان جتوئي ۽ ٻنهي ڌرين جا ٻيا نيڪ مرد شريڪ ٿيا. ڪالهه پهرين ڏينهن سکر ۽ شڪارپور ضلعن ۾ هلندڙ مهر جتوئي خوني تڪرار ۾ ٿيل نقصان متعلق ڌرين جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا، ٻنهي ڌرين جا مختلف پاڙا هجڻ ۽ وڌيڪ نقصان سبب بيان مڪمل نه ٿي سگهيا. تنهن ڪري مهر جتوئي تڪرار جي نبيري لاءِ سرپئنچ ۽ فيصلي جا امين اڄ به بيان ٻڌندا. اِن بعد سوالن وارو دور شروع ٿيندو. امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته خوني مهر جتوئي خوني تڪرار جي فتوا اڄ 21 اپريل تي ٻڌائي ويندي. ڪالهه جرڳي جو سرپئنچ توڙي ٻنهي برادرين جا امين 12 وڳي پهتا، جڏهن ته سکر توڙي شڪارپور سان تعلق رکندڙ ٻنهي ڌرين جا ماڻهو صبح جو نائين وڳي کان ئي پهچڻ شروع ٿي ويا. وڏي انگ ۾ ٻنهي ڌرين جي ماڻهن جي پهچڻ تي ٺاهيل پنڊال مڪمل طور تي ڀرجي ويو.ڪريم بڊاڻي چيو ته ٻنھي ڌرين جا بيان قلمبند ڪيا ويا، ٿيل جاني نقصان جا انگ اکر به گڏ ڪيا ويا. فتوا سڀاڻي ٻڌائي ويندي. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب مهر جتوئي خوني تڪرار ۾ 23 جتوئي، 30 مهر جهيڙيندڙ ڌرين جا قتل ٿي چڪا آهن. ٽي بيگناهه واٽهڙو به خوني تڪرار جي ور چڙي ويا آهن. ورتل ڄاڻ موجب جتوئي مھر تڪرار جي پھريان شروعات 2024 ۾ ٿي آھي، جنھن ۾ پني عاقل جي ڪچي ۾ 8 مھر، ٻه واٽھڙو سميت 12 جتوئي قتل ٿي چڪا آھن، شڪارپور واري سائيڊ ۾ قتل ٿيلن ۾ 11 جتوئي 22 مھر ھڪ واٽھڙو شامل آھن. جتوئي مھر ڌرين ۾ تڪرار جي شروعاتي ڏينھن ۾ به سکر سرڪٽ ھائوس ۾ نومبر 2024 ۾ جرڳو ڪيو ويو ھو، جنھن ۾ ھڪ واٽهڙو سميت 8 خون ثابت ڪيا ويا، جنھن ۾ ڀڃڪڙي به ٿي ھئي، پر اھو ساڳيو فيصلو بحال ڪري باقي 49 خونن جو جرڳو ڪيو ويندو، جيڪو پھريان واري ٿيل جرڳي ۾ ڀڃڪڙي سبب متاثر ڌرين تائين خونن جي رقم نه پھچي سگھي آھي، جيڪا رقم ڏياري ويندي.
| پوليس جو پروٽوڪول، وي آءِ پي گيٽ، جرڳي لاءِ سيڪيورٽي سخت |
سکر: مهر جتوئي خوني تڪرار جي جرڳي جي سيڪيورٽي انتهائي سخت ڪئي وئي. سکر بندر روڊ توڙي ملٽري روڊ کان سرڪٽ هائوس طرف ايندڙ روڊ کي رڪاوٽون رکي ٽريفڪ جي آمدرفت لاءِ مڪمل طور تي بند ڪيو ويو. ڪنهن به ڌر جي سردار، امين، چڱي مڙس يا جهيڙيندڙ ڌر کي هٿيار سرڪٽ هائوس اندر کڻي اچڻ جي اجازت نه ڏني وئي. نيڪ مردن کي پوليس جي پروٽوڪول ۾ جوڙيل وي آءِ پي گيٽ مان سرڪٽ هائوس سکر پهچي ويو. جڏهن ته برادرين جي ماڻهن لاءِ ٻيو گيٽ تيار ڪيو ويو هو. جِتي واڪٿروگيٽ نصب هجڻ سان گڏ پوليس جي نفري به موجود هئي. جيڪا تلاشيءَ کان پوءِ ڌرين جي ماڻهن کي سرڪٽ هائوس جي اندر ڇڏيو ويو.
| ڌرين جي نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ڪميٽي قائم |
سکر: مھر ۽ جتوئي برادري جي جھيڙي ۾ ٿيل زخمن کي اڄ سرڪٽ ھائوس گهرايو ويو آهي. زخمي ٿيل ماڻھن جا زخم ڏسي عيوضو جي رقم مقرر ڪئي ويندي. جڏهن ته زمين، مال، ملڪيتن ٽريڪٽر ۽ ٻين نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي. مير عابد حسين جتوئي، شھريار خان مھر تي ٻڌل ڪاميٽي ڌرين جا نقصان ڏسي ڪاٿو لڳائيندي، جنھن کان پوءِ فتوي جاري ڪئي ويندي.