سکر ۾گهر مان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي گوليون هڻي پورهيت قتل

سکر ۾گهر مان چوري جي ڪوشش، مزاحمت تي گوليون هڻي پورهيت قتل

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ هٿياربندن چوري دوران سجاڳ ٿيڻ تي فائرنگ ڪري گهر ڌڻي کي قتل ڪري ڇڏيو. سکر ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گل لٻاڻو ۾ 7 هٿياربندن پورهيت محمد اسلم چوهاڻ جي گهر ۾ چوريءَ جي ارادي سان داخل ٿيا. ڀاڳين جي سجاڳ ٿيڻ تي هٿياربندن ڪجهه گهر ڀاتين کي يرغمال بڻايو، اِن دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن فائر ڪري پورهيت محمد اسلم چوهاڻ کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو، مقتول محمد اسلم چوهاڻ جي والد ۽ ٻين عزيزن جو چوڻ هو ته ست کان وڌيڪ هٿياربند چوريءَ جي ارادي سان گهر ۾ داخل ٿيا سجاڳ ٿيڻ تي فائرنگ ڪري بيگناهه منهنجي پٽ کي قتل ڪرڻ بعد ڪچي طرف فرار ٿي ويا. هنن چيو ته چور گهر ۾ بيٺل چوپايو مال ڪاهڻ لاءِ داخل ٿيا هئا، جن جي هٿن ۾ ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا هٿيار هئا. هوڏانهن ايس ايس پي سکر اظهر مغل جي هدايتن تي اي ايس پي سٽي ڪيپٽن رٽائرڊ صهيب امين مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز سان گڏ واقعي واري هنڌ پهچي متاثر ڌر جا بيان رڪارڊ ڪرڻ سان گڏ ثبوت پڻ گڏ ڪيا. اِن سان گڏ کوجي ڪتن ۽ پيراٺن جي مدد سان پڻ چورن جي ڳولها وارو سلسلو شروع ڪيو آهي.