| سکر ۾گھر کي باهه لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو فوت، الهه تلهه سڙي رک |
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ گهر اندر باهه لڳڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، گھر جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. نيوپنڊ انصاري محلي ۾ هڪ گهر اندر اوچتو باهه لڳڻ سبب 35 ورهين جو آصف علي بروهي سڙي فوت ٿي ويو. جده ته گهر ۾ رکيل الهه الهه سڙي خاڪ ٿي ويو. ريسڪيو ذريعن مطابق گهر ۾ باهه بيٽري ڦاٽڻ سبب لڳي. فائر برگيڊ عملي پهچي باهه تي ضابطو آڻي وڌيڪ نقصان کان بچائي ورتو. ايڌي رضاڪارن لاش کي غسل، ڪفن ڏيڻ بعد وارثن جي نگراني۾ نئين ڳوٺ واري قبرستان ۾ دفنائي ڇڏيو.