سکر ۾ ادبي ميلي جي معلوماتي سيشنز، ادبي ويهڪن ۽ سرن جي ورکا سان پڄاڻي

آڪٽوبر 30, 2023

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) پاڪستان لٽريچر فيسٽول ثقافتي رنگن، ٻولي، صوفي موسيقي، ادب، تعليم، زراعت، تاريخ، معيشت وارن سيشنس تي بحث مباحثي ۽ خوبصورت آوازن ذريعي اختتام پذير ٿيو

پاڪستان لٽريچر فيسٽيول 2023 سکر چيپٽر جون ٻئين يعني آخري ڏينهن واريون تقريبون پڄاڻيءَ تي پهتيون آهن، آخري ڏينهن تي معلوماتي سيشنز، ادبي ويهڪن ۽ موسيقي سان فيسٽول پڄاڻي تي پهتو، سنڌي ادب ۽ آرٽ، سنڌ ۾ اردو جي تاريخ، سنڌ ۾ بنيادي تعليم، سنڌ جي زرعي اڪانومي ۽ هاري تحريڪون، ميڊيا ۾ نوان لاڙا، سکر صدين کان، موهن جو دڙو جا 100 سال، تهذيب هافي، علي زريون ۽ عاصم اظهر جا انٽرويوز، مختلف ڪتابن جي مهورت، سکر سميت سڄي سنڌ مان فيمليز ۽ نوجوانن جي شرڪت ڪئي

رپورٽ موجب سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ۾ جاري ٻن ڏينهن واري پاڪستان لٽريچر فيسٽيول 2023 شاندار علمي، ادبي ۽ تفريحي ويهڪن، معلوماتي سيشنسز ۽ موسيقي سان پڄاڻي تي پهتو. پاڪستان ادبي فيسٽيول جي ٻئي ڏينهن معلوماتي سيشنز، ادبي ويهڪن ۽ موسيقي جي محفل سجائي وئي. ٻئي ۽ آخري ڏينهن سنڌي ادب ۽ آرٽ، سنڌ ۾ اردو جي تاريخ، سنڌ ۾ بنيادي تعليم، سنڌ جي زرعي اڪانومي ۽ هاري تحريڪون، ميڊيا ۾ نوان لاڙا، سکر صدين کان، موهن جو دڙو جي کوٽائي جا سئو سال، گڏوگڏ تهذيب هافي، علي زريون ۽ عاصم اظهر جا انٽرويوز سميت مختلف ڪتابن جي مهورت ڪئي وئي

ٻن ڏينهن واري پاڪستان لٽريچر فيسٽيول ۾ تعليمي ماهر صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه، وائيس چانسلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر آصف علي شيخ، ڊاڪٽر بدرالدين، ڊاڪٽر ادل سومرو، زبيده بيرواني، طارق قريشي، اسحاق سميجو، ممتاز بخاري، ڊاڪٽر فاطمه حسن، ڊاڪٽر ضياءَالحسن، ياسين جوڻيجو، اختر درگاهي، ڊاڪٽر انعام نديم، صادقه صلاح الدين، ڪبير قاضي، نثار کوکر، جنيد سمون، امتياز حسين ڦلپوٽو، شازيه نظاماڻي، محمود نوازشاه، غلام قاسم جسڪاڻي، مصطفيٰ ننگراج، ڊاڪٽر جعفر احمد، غازي صلاح الدين، سهيل وڙائچ، مظهر عباس، وسعت الله خان، عاصمه شيرازي، شاهذيب جيلاني، فضل الله قريشي، ڊاڪٽر مستور بخاري، ڊاڪٽر وقاص مهر، ڊاڪٽر ادل سومرو، ڊاڪٽر تهمينه منگڻ، ڊاڪٽر فضل الاهي، ڊاڪٽر عرفان رند، ياسر حسين، تهذيب حافي، نازش جهانگير، علي زريون، عاصم اظهر ۽ ٻين مختلف سيشنز ۾ شرڪت ڪئي

اختتامي خطاب ۾ صدر آرٽس ڪونسل محمد احمد شاهه چيو ته آرٽس ڪونسل آف پاڪستان ڪريچي ۽ سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي گڏيل تعاون سان 2 ڏينهن وارو پاڪستان لٽريچر فيسٽيول 2023 سکر چئمبر علم ۽ ادب، سنڌ جي ثقافت تاريخ و تحقيق تي حاصل ڳالهه ٻولهه تي اختتام پذير ٿيو. فيسٽيول ۾ نامور اديبن، شاعرن، فنڪارن، يونيورسٽيز جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سميت سکر جي عوام لاءِ جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. اختتامي تقرير ۾ صدر آرٽس ڪائونسل محمد احمد شاهه، ميئر سکر ارسلان اسلام شيخ، چيئرمين ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ڪميل حيدر شاهه، وائيس چاسنلر سکر آءِ بي اي يونيورسٽي ڊاڪٽر آصف شيخ، سکر آرٽس ڪائونسل جي صدر ممتاز بخاري، سينيئر اداڪار سهيل وڙائچ، غازي صلاح الدين، ڊاڪٽر جعفر احمد، ڊاڪٽر ادل سومرو، فضل الله قريشي ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته ميزباني حما مير ڪئي هئي

Leave A Comment