سکر ۾ ايڪتا ڏهاڙي جوڳي نڪري آيا، مرليون وڄائي نانگن جو ناچ   

سکر ۾ ايڪتا ڏهاڙي جوڳي نڪري آيا، مرليون وڄائي نانگن جو ناچ   

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ سکر ۾ ايڪتا ڏهاڙي جوڳي نڪري آيا، مرليون وڄائي نانگن جو ناچ،شهر جي قديمي ماڳن ۽ تفريحي هنڌن معصوم شاهه مينارو، ستين جو آستان، لب مهراڻ، روڊن رستن تي نوجوانن، پوڙهن، توڙي ٻارڙن خصوصي طور اجرڪ سان ٺهرايل شرٽس، واسڪوٽيون، بريسليٽ، قميصون پهري شرڪت ڪئي، جڏهن ته گاڏين کي پڻ سنڌ جي نقشي توڙي اجرڪ سان سينگاريو ويو، جوڳي جاڳو اتحاد هي ريلي ڳيڙو ويس اوڍي ۽ اجرڪ پائي تقريب ۾ پهتي. جوڳي فنڪار هٿن ۾ يڪتارا، چپڙيون کڻي مرلي جي سرن نانگن کي نچائيندا رهيا. جوڳين پاران ايڊووڪيٽ رزاق جوڳي، عامر جوڳي، ذوالفقار جوڳي، استاد يوسف جوڳي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. جوڳين جي منفرد ريلي ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بڻيل رهي. شهر جي قديمي ماڳن ۽ تفريحي هنڌن معصوم شاهه مينارو، ستين جو آستان، لب مهراڻ، روڊن رستن تي نوجوانن، پوڙهن، توڙي ٻارڙن خصوصي طور اجرڪ سان ٺهرايل شرٽس، واسڪوٽيون، بريسليٽ، قميصون پهري شرڪت ڪئي، جڏهن ته گاڏين کي پڻ سنڌ جي نقشي توڙي اجرڪ سان سينگاريو ويو