سکر ۾ اڳوڻي ايم ايس سميت 3 ڄڻا گرفتار، ڪار مان شراب هٿ
مَي 5, 2025
سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس جي ڪارروائي، خيرپور جي اڳوڻي ايم ايس سميت 3 ڄڻا گرفتار، شراب هٿ، خبر موجب سکر جي غريب آباد واري علائقي ڀرسان سي ٽي ڊي پوليس ڪرولا ڪار کي روڪي تلاشي ورتي، ڪار مان 85 هزار 700 رپيا روڪ رقم، شراب جون 17 بوتلون، موبائيل فون، 6 آڌيا هٿ ڪيا ويا، پوليس موجب ڪارروائي دوران 3 جوابدارن نادر مگسي، نعيم جانوري ۽ خيرپور جي اڳوڻي ايم ايس اعجاز مگسي کي گرفتار ڪيو ويو، پوليس موجب ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.