سکر ۾ تيزاب هاري نينگر قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار کي موت جي سزا  

سکر ۾ تيزاب هاري نينگر قتل ڪرڻ واري ڪيس ۾ جوابدار کي موت جي سزا  

سکر (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل سيشن جج ون سکر پرديپ ڪمار جي عدالت تيزاب هاري قتل ڪيل نينگر محمد عامر مگسي جي قتل ڪيس ۾ جوابدار  حاجي  محمد مگسي کي ڏوھ ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. ايڊووڪيٽ شبير علي بوزدار مطابق سال 2022 ۾ سول اسپتال ڀرسان فريڪل هل ڪالوني ۾ دوستي نه رکڻ تان جوابدار حاجي محمد مگسي نينگر محمد عامر مگسي جي گهر ۾ گهڙي تيزاب هاري قتل ڪيو هو. پوليس سي سيڪشن ٿاڻي تي مقتول نينگر جي والد رڪشا ڊرائيور محمد امين مگسي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو هو. ايڊيشنل سيشن جج ون سکر  پرديپ ڪمار جي عدالت ۾ فريادي جي وڪيل ايڊوڪيٽ شبير علي بوزدار ۽ ايڊووڪيٽ سليم مگسي عدالت ۾ قتل بابت دليل پيش ڪندي جوابدار کي سخت کان سخت سزا جي استدعا ڪئي. عدالت ٻنهي ڌرين جي وڪيلن جا دليل ٻڌڻ، ڪيس ۾ گهربل شاهديون مڪمل ٿيڻ بعد ڪيس جو محفوظ ٿيل فيصلو ڪيو هو. عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي جوابدار حاجي محمد مگسي مٿان نينگر محمد عامر مگسي جو قتل ڪيس ثابت ٿيڻ تي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.