سکر ۾ ريلوي اختيارين 20 کان وڌيڪ دڪان سيل ڪري ڇڏيا

جُون 4, 2025

سکر) پنهنجي ڊيسڪ ) پاڪستان ريلوي اختيارين سکر جي علائقي ايوب گيٽ وٽ ڪاروائي ڪندي  20 کان وڌيڪ دوڪانون سيل ڪري ڇڏيا آهن،  ريلوي اختيارين جي اهڙي قدم کان پوءِ   متاثر دڪاندارن  احتجاج ڪندي چيوآهي ته  دڪان بند ڪرڻ سبب پريشاني جو شڪار ٿي ويا آهيون،  جڏهن ته 50 سالن کان ميونسپل ڪميٽي کي دڪانن جو ڪرايو ڏئي رهيا آهيون، تنهن باوجود دڪان سيل ڪري معاشي بحران جي ور چاڙهيو پيو وڃي، متاثرن جو وڌيڪ چوڻ هو ته عيد ويجهو آهي، روز ڪمائي روز کائڻ وارا آهيون، بنا نوٽيس جي دوڪان سيل ڪيا ويا آهن جيڪا دوڪاندارن سان  وڏي زيادتي آهي هنن چيو ته ميونسپل ڪارپوريشن چوي ٿي اسان جي پراپرٽي آهي ۽ ريلوي اختياريون  چون پيون اسان جي پراپرٽي آهي، اسان سان ته ناحق ڪيو ويوآهي، هنن ريلوي  جي اعليٰ اختيارين سميت ميونسپل انتظاميا کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي بند ڪرايل دڪان کولرائي اسان کي روزگار ڪرڻ ڏنو وڃي .

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪشمور مقابلو، 2 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

  • ندا ياسر جي بنا ميڪ اپ مداحن کي حيران ڪري ڇڏيو

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل