سکر ۾ زبردست آتشبازيءَ ۽ مشعل بردار ريلي سان ايڪتا جي آجيان، مچ ڪچهري، جھمريون 

سکر ۾ زبردست آتشبازيءَ ۽ مشعل بردار ريلي سان ايڪتا جي آجيان، مچ ڪچهري، جھمريون 

سکر (بيورو رپورٽ) منشيات کان پاڪ سنڌ جي عنوان هيٺ سکر ۾ ثقافتي عيد ملهائڻ جون تياريون مڪمل ٿي ويون، مشعل بردار ريلي ۽ زبردست آتشبازيءَ سان ثقافتي عيد جي آجيان ڪئي وئي، ان حوالي سان  دي ڊريم اسڪول اينڊ ايجوڪيشن جي چيئرمين زبير احمد مهر پاران اسڪول ۾ ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي،جنهن ۾ شاگردن، شاگردياڻين ڀرت ڀريل، اجرڪ سان ٺهيل ويس وڳا، سنڌي ٽوپي، پٽڪا پهري شرڪت ڪئي. اهڙي طرح گورنمينٽ گرلز ڪاليج سکر، اپوا اسڪول ۾ به تقريبون منعقد ڪيون ويون، جڏهن ته ثقافت عيد جي آجيان جي سلسلي ۾ تاريخي ٽيڪچند  بولچند پارڪ ۾ مچ ڪچهري منعقد ڪئي، جنهن ۾ سگهڙن، شاعرن شرڪت ڪئي ڏور ۽ بيت ٻڌايا. جنهن بعد شمع بردار ريلي ڪڍي وئي. جڏهن ته ايڪتا عيد جي آجيان لاءِ زبردست آتشبازي ڪئي وئي، خوشي ۾ واپارين، شهرين، صحافين توڙي مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن جمهريون هڻي پنهنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت جو اظهار ڪيو.