| سکر ۾ سخت سرديءَ ۾ بجلي ۽ گئس بندش: ڪاٺيون-ڪوئلو مهانگو |
سکر (بيورو رپورٽ) سکر سخت سرديءَ دوران بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ سبب ڪاٺين ۽ ڪوئلي جي استعمال ۾ اضافو ٿي ويو. واپارين ڪاٺين ۽ ڪوئلي جي اگهن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو. بجلي ۽ گئس واري تي هلندڙ هيٽر جي اگهن ۾ به 800 رپين کان 2000 روپين تائين هٿرادو اضافو ڪيو ويو. به اِن ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب عام ڏينهن ۾ هڪ هزار رپين تائين مڻ وڪرو ٿيندڙ ڪاٺيون سرديءَ ۾ سخت اضافي کان پوءِ 1200 کان 1300 روپين في مڻ وڪرو ٿي رهيون آهن. جڏهن ته ڪوئلو عام ڏينهن ۾ 50 کان 70 رپين في ڪلو وڪرو ٿيندا هئا، هاڻي ڪوئلو 120 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي. اهڙي ريت گذريل سال 800 رپين ۾ وڪرو ٿيندڙ هيٽر 1200 روپين کان 1400 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. اهڙي ريت مختلف قسمن جي هيٽرز تي 2 هزار يا اِن کان وڌيڪ جو اضافو ڪيو ويو آهي. خريدارين مطابق ڪوهيڙ وڌڻ ڪري بجلي بند ٿي وڃي ٿي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند هجڻ توڙي گئس جي لوڊشيڊنگ هجڻ سبب بيمار، پيرسن توڙي ٻارڙا سخت سرديءَ سبب پريشانين کي منهن ڏين ٿا. تنهن ڪري متبادل طور استعمال ٿيندڙ گئس سليندر به شديد ٿڌ هجڻ سبب استعمال هيٺ ناهي رهيو ڇو جو اُن ۾ به گئس ڄمي وڃي ٿي. تنهن ڪري متبادل طور تي مجبور ٿي ٿڌ کان بچڻ يا وري کاڌو بچائڻ لاءِ ڪوئلو استعمال ڪريون ٿا. اهڙي ريت گهرن، ڪمرن جو گرم پڌ ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ هيٽر جو به استعمال ٿيندو آهي جنهن جي اگهن ۾ به هٿرادو اضافو ڪيو ويو آهي.