سکر ۾ سينئر صحافي جان محمد مهر قتل، ڪجهه ڏينهن کان ڌمڪيون پئي مليون: وارث

آگسٽ 14, 2023

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو)  سکر ۾ قتل ڪيل سينئر صحافي جان محمد مهر جو مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، صحافين پاران واقعي تي ڏک جو اظهار ڪندي انصاف جي گهر ڪئي وئي آهي

گذريل ڏينهن سکر ۾ سينيئر صحافي جان محمد مهر کي  حملي ۾ قتل ڪيو ويو. جان محمد مهر معمول مطابق آفيس کان گهر وڃي رهيو هو ته لڪس پارڪ سامهون تاڙ ۾ بيٺل هٿياربندن مٿس سڌي فائرنگ ڪري ڏني، صحافي جان محمد مهر ڳلي، هٿ ۽ اک مٿان گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو

جان محمد مهر کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر جي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، جان محمد مهر کي هڪڙي گولي ڳلي ۾ لڳي، ٻي گولي ساڄي اک مان لڳي ٻئي پاسي کان نڪتي، پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي حوالي ڪيو ويو

شهيد ٿيل سينئر صحافي جان محمد مهر جي جنازي چڪ ۾ ادا ڪئي وئي، شهيد ٿيل سينئر صحافي جان محمد مهر جي جنازي چڪ ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صحافين، سياسي سماجي قومپرست ڌرين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شهيد صحافي جان محمد مهر جو لاش اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو

وارثن جو چوڻ هو ته جان محمد کي ڪجهه ڏينهن کان ڌمڪيون ملي رهيون هيون. هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه نوٽيس وٺندي آءِ جي سنڌ کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به سکر جي سينيئر صحافي جان محمد تي قاتلاڻي حملي جو نوٽيس ورتو ويو آهي، ٻئي طرف سياسي سماجي، صحافي ڌرين پاران واقعي جي مذمت ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي

Leave A Comment