سکر ۾ سيپڪو جو لائين سپريٽينڊنٽ قتل
جُون 21, 2025
سکر (پنهنجي ڊيسڪ) سکر ۾ سيپڪو جو لائين سپريٽينڊنٽ کي جوابدار چاقن جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو آهي
سيپڪو ملازم موجب لائين سپريٽينڊنٽ فهيم سميجو معمول مطابق گهنٽا گهر بل چيڪ ڪرڻ ويو ته مٿس جوابدار حملو ڪيو. جنهن سبب سخت زخمي ٿي پيو.
هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتول مٿان چاقن سان حملو ڪندڙ به سيپڪو ملازم ئي آهي، جڏهن ته حد جي پوليس واقعي بابت جاچ ڪري رهي آهي.