سکر ۾ شاديءَ تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت، خوشيون ماتم ۾ تبديل

سکر ۾ شاديءَ تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت، خوشيون ماتم ۾ تبديل

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ شاديءَ جي تقريب ۾ فائرنگ، نينگر فوت، شاديءَ جون خوشيون سوڳ ۾ تبديل، بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بند روڊ تي رات جو دير سان هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ حافظ قران نينگر رئوف ميمڻ سميت ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جِتي نينگر حافظ رئوف پٽ سليم ميمڻ زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. نينگر جي فوت ٿيڻ واري اطلاع تي شاديءَ جون خوشون سوڳ ۾ تبديل ٿي ويون. جڏهن ته معصوم نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻئي طرف بي سيڪشن پوليس ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ رابطو ڪرڻ تي مسلسل واقعي کان ئي انڪار ڪندي رهي. واضع رهي ته ايس ايس پي سکر اظهر مغل شادين ۾ هوائي فائرنگ تي پابندي عائد ڪندي اعلان ڪيو هو ته شاديءَ ۾ هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ گهوٽ ۽ اُن جي والدين کي لاڪ اپ ڪيو ويندو.