سکر ( بيورو رپورٽ) سکر ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ خلاف شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو
ميراڻي محلي ۾ گيس جي لوڊشيڊنگ ۽ گهٽ پريشر خلاف اعظم مھر، رياض ميراڻي، مٺل چوھاڻ، انيس ابڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو
اڳواڻن چيو ته پراڻو سکر سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ گيس پريشر گھٽ ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ بسبب عوام عذاب ۾ مبتلا آهي
هنن چيو ته صبح جي وقت گيس نه هجڻ ڪري آفيس توڙي پورهيو ڪرڻ لاءِ ويندڙ ناسٽي لاءِ پريشان ٿين ٿا ۽ شام جو گهر وڃڻ وقت به گيس نه هجڻ ڪري ماني نه ٿي ملي
احتجاج ڪندڙن چيو ته ميراڻي محلي ۾ ھڪ مھيني کان گيس بند پيل آھي انتظاميه جي ڪن لاٽار سبب سخت پريشان آهيون
اڳواڻن مطالبو ڪيو ته گيس جي لوڊشيڊنگ ختم ڪري شهرين کي پريشان ٿيڻ کان بچايو وڃي