سکر ۾ مبينا طور ٺاهه لاءِ ويندڙ پيرسن گوليون هڻي قتل، لاش رکي ڌرڻو: مخالفن تي الزام

سکر ۾ مبينا طور ٺاهه لاءِ ويندڙ پيرسن گوليون هڻي قتل، لاش رکي ڌرڻو: مخالفن تي الزام

سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري پيرسن کي قتل ڪري ڇڏيو. ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ حسين لاشاري ۾ هٿياربندن جي فائرنگ پيرسن تاج محمد لاشاري قتل ٿي ويو مقتول جي وارثن الزام مڙهيندي چيو آهي ته شاگرد صدام لاشاري واري ڌر حملو ڪري تاج محمد لاشاري کي قتل ڪيو آهي، قتل ٿي ويل تاج محمد لاشاري کي پوئين پاسي کان مٿي ۾ گوليون لڳل آهن.  جڏهن ته پيرسن جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو،   پوليس موجب ڪجهه ڏينهن اڳ ڦر واردات دوران قانون جو شاگرد صدام لاشاري قتل ٿي ويو هو ان تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. ٻئي طرف الزام هيٺ آيل ڌر قتل کي سازش قرار ڏئي ڇڏيو، وڪيل نديم لاشاري مطابق 70 ورهين جو پيرسن بيماري سبب فوت ٿيو آهي، اسان کي ڦاسائڻ جي سازش ڪئي وئي وڃي، صدام لاشاري کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو، ان جو ڪيس داخل آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس ڪوششون ڪري پئي، ڇاپن دوران پوليس پيرسن تاج محمد لاشاري کي به گرفتار ڪيو هو. پوليس ٻڌايو هو ته بيماري آهي لاڪ اپ فوت به ٿي وڃي. جنهن تي اسان ان کي آزاد ڪرايو هو. قتل ڪيس تان هٿ کڻڻ توڙي سنگين نتيجا ڀوڳڻ لاءِ ڌمڪايو ويندو رهيو آهي. هوڏانهن قتل ٿي ويل پيرسن جو لاش رکي وارثن پاران سٽي پوائنٽ وٽ پراڻي هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو، مقتول پيرسن تاج محمد لاشاري جي وارثن الزام مڙهيندي چيو ته اسان جي مخالف پيرسن کي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪيو  آهي پر پوليس نه واقعي جو ڪيس داخل ڪيو آهي ۽ نه ئي وري ڪنهن جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ آئي آهي. هنن وڌيڪ الزام مڙهيو ته شاگرد صدام لاشاري جي قتل جو اسان مٿان ڪوڙو الزام لڳڻ بعد پوليس اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو. پوليس جي خوف کان در بدري واري زندگي پئي گذاري. صلح ڪرڻ لاءِ برادري جي ماڻهن طرف وڃي رهيا هئاسين ته فائرنگ ڪري پيرسن تاج محمد لاشاري کي قتل ڪيو ويو.  ايس ايڇ او آباد ذوالفقار چاچڙ ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاھرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو.