سکر ۾ مبينا مقابلو، جوابدار مارجي ويو، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، چڪريون، 7 اهلڪار زخمي

ڊسمبر 3, 2024

سکر/روهڙي (نمائندن وٽان) سکر پوليس جو مبينا مقابلو، هڪ ڪروڙ ڦر  ۾ ملوث جوابدار مارڻ جي دعويٰ، مارجي ويل جي وارثن جو روهڙي ڀرسان لاش رکي قومي شاهراهه تي ڌرڻو، پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون، پٿراءٌ، شيلنگ، لٺبازي، عورت ۽ مرد اهلڪارن سميت 7 ڄڻا زخمي، رپورٽ موجب سکر پوليس پٽڻي ٿاڻي جي حد ڪنڌرا لنڪ روڊ تي اوور هيڊ پل وٽ مبينا مقابلي ۾ جوابدار رضا زنڱيجو کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي، پوليس موجب ناڪا بندي دوران پوليس موٽر سائيڪل سوارن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، جوابدارن ناڪو ٽوڙي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پوليس جوابدارن جو پيڇو ڪيو، جنهن دوران جوابدارن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار رضا زنڱيجو مارجي ويو ۽ سندس ساٿي فرار ٿي ويا، پوليس موجب مارجي ويل جوابدار وٽان 14 لک 50 هزار رپيا روڪ رقم ۽ پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي، پوليس موجب ڪجهه ڏينهن اڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد بندر روڊ تان نجي موبائل ڪمپنيءَ جي گاڏي مان هڪ ڪروڙ رپيا ڦر ٿيا هئا، واقعي جو مارجي ويل جوابدار ماسٽر مائينڊ هو، پوليس قانوني ڪارروائي بعد جوابدار جو لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، واقعي خلاف زنڱيجا برادري جي عورتن ۽ مردن غلام بند ويجهو قومي شاهراهه تي لاش رکي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، اِن موقعي تي رياض زنڱيجو، خادم ۽ ٻين الزام مڙهيندي چيو ته رضا زنڱيجو ڪراچيءَ ۾ مزدوري ڪندو هو، جيڪو ٻه ڏينهن اڳ پنهنجي ڀيڻ سان گڏ واپس روهڙي اچي رهيو هو ته پوليس کيس خيرپور ضلعي جي ٽنڊومستي وٽان گرفتار ڪيو، جنهن کي گذريل رات پوليس جڙتو مقابلو ڏيکاري قتل ڪيو آهي، جڏهن ته رضا سان گڏ سندس ڀيڻ کي به گرفتار ڪيو ويو هو جنهن کي پوليس هن وقت تائين ظاهر ناهي ڪيو، مظاهرين جو ڌرڻو 4 ڪلاڪ جاري رهيو، جنهن بعد پوليس مظاهرين وٽ ڳالهين لاءِ پهتي، جنهن دوران پوليس ۽ مظاهرين وچ  ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، پوليس مطابق مڇريل مظاهرين پوليس مٿان پٿرن، لٺين سان حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڊي آءِ بي سکر جو انچارج سعيد قاضي، ايس ايڍ او صالح پٽ علاالدين ڦلپوٽو، عورت پوليس اهلڪار شازيه ميراڻي، اهلڪار عامر علي، منصور احمد، رياض ڪورائي، گل بهار سولنگي زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب پٿراءُ ۽ لٺبازيءَ ۾ پوليس موبائل توڙي بڪتر بند گاڏيءَ جا شيشا ٽٽي پيا ۽ گاڏين کي نقصان پهتو آهي، بعد ۾ پوليس جي وڏي نفري پهچي مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪري روڊ کولرايو.

ايس ايس پي پاران مقابلو ڪندڙ اهلڪارن لاءِ انعام جو اعلان

سکر: ايس ايس پي سکر امجد شيخ جوابدار کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندڙ پوليس پارٽي کي شاباس ڏيندي سي سي ٿرڊ ۽ ڪيش انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

Leave A Comment