سکر ۾ مبينا پوليس مقابلو، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

سکر ۾ مبينا پوليس مقابلو، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

سکر(بيورو رپورٽ) سکر پوليس مبينا مقابلي بعد هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ. پوليس موجب اي سيڪشن پوليس جو ريلوي هيڊ ڪوارٽر ويجهو ڏوهه جي ارادي سان بيٺل جوابدارن سان مقابلو ٿي پيو. نتيجي ۾ پوليس هڪ جوابدار محمد عمر عباسي کي زخمي حالت ۾ ٽي ٽي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته سندس ٻه ساٿي فرار ٿي ويا.