سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ برسات جو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ بجلي جي بندش شهرين کي ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. شهر جا مصروف ترين علائقا، روڊ رستا. گهٽيون، محلا پاڻي جي تلائن ۾ تبديل ٿي ويا، واپارين ۽ شهرين ميئر ۽ چونڊيل نمائندن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو
ميونسپل ڪارپوريشن انتظاميا گذريل ڏينهن پيل برسات جو پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، نتيجي ۾ شهر جا مصروف ترين روڊ رستا، چوڪ چوراها، مارڪيٽون، گهٽيون توڙي محلا پاڻي جي تلائن ۾ تبديل ٿي ويا آهن
جيل روڊ، شاليمار ڦاٽڪ، وسپور محلا، پراڻو سکر، نئون ڳوٺ، قريشي ڳوٺ، سکر ريلوي اسٽيشن، اسٽيشن روڊ، ريس ڪورس روڊ، گهنٽا گهر سميت ٻين روڊن، رستن، گهٽين محلن ۾ برسات ۽ ڊرينيج جو گندو پاڻي مڪس ٿي تلائن جي صورت ۾ بيهجي ويو
ميونسپل ڪارپوريشن، پبلڪ هيلٿ توڙي لاڳاپيل ذميوار کاتن جا عملدار مڪمل طور تي غائب رهيا آهن هڪ طرف روڊن رستن تي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل رهيو، ٻيو وري برسات سبب بجلي جو ڊگهو بريڪ ڊائون رهيو
ڪيترن ئي علائقن ۾ 12 کان 16 ڪلاڪن کان بجلي بند آهي، شهر جا ڪجهه فيڊر رات جو ئي بحال ٿي ويا آهن، برسات، تلائن جي صورت ۾ پاڻي نه بيهجڻ ۽ بجلي جي بندش سبب شهري ٻٽي عذاب کي منهن ڏيڻ تي مجبور رهيا
ان ڏس ۾ سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي جاويد ميمڻ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي عيدن جاگيراڻي، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ذاڪر ٻنڌاڻي، صبا ڀٽي ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سکر ۾ مختلف وقتن تي اربين روپيا ڊرينيج جي اسڪيمن تي خرچ ڏيکاريا ويا آهن پر ڪو نتيجو ناهي نڪتو
گذريل سال برساتن ۾ شهر اندر ٻيڙيون هليون هيون، پورو سال گذري ويو پر ڊرينيج جي بهتري لاءِ ڪو به قدم نه کنيو ويو، هن ڀيري به موسميات کاتي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي جنهن دوران اختيارين وڏي نڪ جي پڪائي سان دعويٰ ڪئي ته سمورا انتظام مڪمل آهن ۽ جڏهن برسات پئي ته شهر جا مصروف ترين علائقا تلائن جي صورت ۾ تبديل ٿي ويا
هنن چيو ته ارسلان شيخ اڳ به ميئر رهيو آهي هاڻي به ميئر ٿيو آهي، نساسڪ واري دور ۾ بورڊ جو ميمبر هيو پر پوءِ به بهتري ناهي اچي سگهي