| سکر ۾ نئين سال جي ٻئي ڏينهن ڦرلٽ جون 3 وارداتون |
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ٽائون شپ سيڪٽر ون ۾ پگهار وٺي رڪشا تان گهر جي گيٽ وٽ لهندڙ ماسترياڻي کان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن پگهار واري رقم، موبائيل فون ۽ پهريل سونا ڪڱڻ هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري فرار ٿي ويا. جڏهن ته ايس ايس پي ويجهو مصروف ترين ميناره روڊ تي واقع ڊينٽل ڪلينڪ تي مريض جي صورت ۾ ايندڙ هٿياربندن ڊاڪٽر رخسانه سومرو ۽ ٽيڪنيشن عمير آرائين کان ھٿيارن جي زور تي هڪ لک رپيا ۽ ٽي موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا. متاثر عملي سي سيڪشن ٿاڻي تي اهڙو اطلاع به ڏنو آهي. ٻئي طرف اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سهيل گڏاڻي کان موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن مرڪزي امام بارگاهه وٽان هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل، 32 هزار روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.