| سکر ۾ نائين-ڏهين جماعت جا امتحان: 171 اميدوار ڪاپي ڪيس |
سکر (بيورو رپورٽ) سکر تعليمي بورڊ جي انتظام هيٺ نائين ۽ ڏهين جماعت جا امتحان جاري، نائين ۽ ڏهين جماعت جي امتحانن ۾ 171 اميدوار ڪاپي ڪيس ڪيا ويا، 54 ڪاپي، 72 موبائيل فون ۽ 42 جعلسازي جا ڪيس سامهون آيا، تعليمي بورڊ سکر جي ميڊيا ڪو آرڊينٽر غلام مصطفيٰ پيرزادو مطابق تعليمي روڊ سکر جي ٽيمن اصل اميدوار ٻئي نوجوان پاران پيپر حل ڪرڻ جا به جعلسازي وارا ڪيس پڪڙي ورتا آهن. گهوٽڪي، سکر ۽ خيرپور ميرس ضلعي ۾ نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي هڪ لک ڏهه هزار کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کان 234 امتحاني سينٽرن تي صبح ۽ شام جو ٻن شفٽن ۾ پيپر ورتو پيو وڃي. متحاني سينٽرن تي موبائيل ۽ گائيڊ بڪ کڻي اچڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن شاگرد توڙي شاگردياڻيون موبائيل کڻي ٿا اچن ته اهي ايڪسٽرنل ۽ انٽرنل ڪليڪشن ڪري پاڻ وٽ رکندا، جيڪي بعد ۾ پيپر ختم ٿيڻ کانپوءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي واپس ڪيا ويندا، ڪاپي جي روڪٿام لاءِ ضلعن انتظاميه، تعليم کاتي طرفان ڇاپا مار ٽيمون پڻ امتحاني سينٽرن جا دورا ڪري رهيون آهن.