سکر(بيورو رپورٽ) شادي لاءِ گهران نڪتل ناريءَ سان زيادتيءَ ڪندڙ 4 جوابدارن کي چئن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
ڪيس جي جاچ آفيسر وومين ۽ چائلڊ پروٽيڪشن سيل سکر جي انچارج زينت گجر متاثر ڇوڪري توڙي الزام ھيٺ آيل چئني جوابدارن کي فيملي سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو
پوليس جوابدارن محمد علي، سمير، حسن علي ۽ شعيب اعواڻ کان جاچ لاءِ 14 ڏينھن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي، جنھن تي عدالت جوابدارن کي چئن ڏينھن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو
حاصل ڪيل ڄاڻ موجب ناريءَ کي متاثرن کي گارنٽي ڏيڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آھي، جنھن جو بيان عورت جج جي موڪل تي ھجڻ سبب رڪارڊ نه ٿي سگھيو، تنھن ڪري ناريءَ کي بيان لاءِ ٻيھر عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو
ھوڏانھن پوليس ذريعن مطابق متاثر ناري جي ابتدائي ميڊيڪل رپورٽ ۾ ساڻس زيادتيءَ جي تصديق ڪئي وئي آھي