سکر ۾ نه پاڻي نه بجلي ۽ نه صفائي: ميونسپل ۾ ميمبرز جو احتجاج، دانهون
جنوري 16, 2025
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر جي صدارت هيٺ اجلاس، شهر جي رهائشي علائقن ۾ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ، بجلي بندش، پيئڻ جي صاف پاڻي جي عدم فراهمي، سولر اسٽريٽ لائيٽ ناڪارهه هجڻ جون دانهون، يونين ڪاميٽيز ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا چونڊيل بلدياتي نمائندن سان مشاورت ڪرڻ بغير من پسندن کي ڏيڻ جون شڪايتون، ميئر طرفان مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري، رپورٽ موجب سکر ميونسپل ڪارپوريشن جو اجلاس ميئر ارسلان شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو، ان دوران غلام شبير چوهاڻ ۽ مجيد ميراڻي ڳالهائيندي چيو ته بچل شاهه مياڻي جي ڳتيل رهائشي علائقن ۾ ڪيتري عرصي کان بجلي جي فراهمي بند آهي، جنهن ڪري رات جي وقت چورين جو آزار وڌي ويو آهي، جڏهن ته سج لٿي کانپوءِ علائقي واسي گهرن مان نڪرڻ لاءِ تيار ناهن، گذريل اجلاسن ۾ مسئلي جي نشاندهي ڪئي وئي پر ان باوجود لاڳاپيل انتظاميا ڪو به قدم ناهي کنيو، عبدالرحمان مينگل اجلاس جو ڌيان ڇڪائيندي چيو ته ايمپلائيز ڪوآپريٽو سوسائٽي، پاڪ ميمڻ ڪوآپريٽو سوسائٽي، دهلي مسلم سوسائٽي ۽ سبزي فروٽ منڊي وارا علائقا گندگي جي ورچڙهي ويا آهن، جتان ميونسپل ڪارپوريشن توڙي سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جو عملو صفائي سٿرائي لاءِ نٿو اچي، عذرا جمال ٽيچنگ سول اسپتال سکر ۾ صحت جي سهولتن جي کوٽ بابت ڳالهائيندي چيو ته ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ ريڊيالاجي شعبو گهڻي عرصي غيرفعال آهي، سي ٽي اسڪين، ايم آر آءِ مشين ناڪارهه حالت ۾ پيل آهن، سول اسپتال ۾ الٽرا سائونڊ جي سهولت ميسر ناهي، قمرالنساءُ ڦلپوٽو يونين ڪاميٽيز ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا چونڊيل بلدياتي نمائندن جي اجازت سان مشروط ڪرڻ جي تجويز ڏيندي چيو ته ان عمل سان شهر جي رهائشي علائقن ۾ پيور بلاڪ هڻڻ سميت ڊرينيج نالين جي ترقياتي ڪمن کي پائيدار بڻائي سگهجي ٿو، جيڪڏهن ڪو بلدياتي نمائندو ڪنهن ترقياتي منصوبن جو ٺيڪو کڻڻ چاهي ته ميئر جي مشاورت سان قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کانپوءِ کيس ڊيولپمينٽ واري ڪم جو ٺيڪو ڏنو وڃي، احسان لاشاري بئراج ڪالوني ۾ لاڳيتو چار ڏينهن بجلي فراهمي معطل ٿي وڃڻ واري معاملي تي ڇوهه ڇنڊيا، جڏهن ته کدڙي صنم فقير ٽرانس جينڊر کي وظيفو نه ملڻ جي شڪايت ڪندي ٽرانس جينڊر جي رهائش لاءِ هاسٽل قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني، اجلاس کي خطاب ڪندي ميئر چيو ته سکر جي شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي مھيا ڪرڻ لاءِ جوڙيل ميگا منصوبي تي ڪم جاري آهي، ميونسپل ڪارپوريشن جي واٽر ورڪس شعبي طرفان شهرين کي گهريلو استعمال واسطي پاڻي فراهمي کي بهتر ڪيو ويو آهي، ڏينهون ڏينهن شهر جي آبادي وڌي وڃڻ ڪري مسئلا وڌي ويا آهن، صوبائي حڪومت جي سھڪار سان تمام جلد شهرين جا اهم بنيادي مسئلا حل ڪيا ويندا، جڏهن ته ڪجهه مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ڪاميابي پڻ ملي آهي، ڪچي آبادي وارن علائقن ۾ سولر اسٽريٽ وارو معاملو حل ڪيو ويندو، مختلف يونين ڪميٽيز ۾ بجلي فراهمي بند ۽ معطل ٿيڻ واري شڪايتن جي ازالي لاءِ سيپڪو جي لاڳاپيل انتظاميا سان ڳالهائي ضروري قدم کنيا ويندا.