سکر ۾ نوڪري نه ڏيڻ خلاف پٽيشن، آءِ جي جيل معافي وٺي ڇڏي

سکر ۾ نوڪري نه ڏيڻ خلاف پٽيشن، آءِ جي جيل معافي وٺي ڇڏي

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر سن ڪوٽا تحت جيل کاتي ۾ نوڪري نه ڏيڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت جي طلب ڪرڻ تي آءِ جي جيل ۽ ٻيا پيش ٿيا. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس رياضت علي ساهڙ تي مشتمل آئيني بئنچ سن ڪوٽا تحت نوڪري نه ڏيڻ خلاف سرفراز علي ابڙو جي توهين عدالت واري درخواست 1788/2023 تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت آڏو آءِ جي جيل فدا حسين مستوئي ۽ ٻيا جيل عملدار پيش ٿيا، عدالت ۾ درخواستگذار جي وڪيل شبير بوزدار دليل ڏيندي چيو ته عدالتي حڪم باوجود سن ڪوٽا تحت نوڪري ناهي ڏني وئي، جيتوڻيڪ عدالت صوبائي گهرو کاتي جي سيڪريٽري، ايس اينڊ جي اي ڊي اي ڊپارٽمينٽ ۽ آءِ جي جيل کي واضع حڪم ڏنو هو، عدالت آءِ جي جيل کان آڏي پڇا ڪئي ته عدالت جي حڪم تي عملدرآمد نه ڪري توهين ڪئي وئي آهي، ڇو نه اوهان خلاف ايڪشن کنيو وڃي، جنهن تي آءِ جي جيل عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي مقرري کي چار مهينا ٿيا آهن، هن معاملي تي اڳوڻي آءِ جي جيل قاضي نذير اي ايس آءِ جي آسامي خالي نه هئڻ جو نوٽ هڻي فائيل بند ڪري ڇڏيو، عدالت آءِ جي جيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اي ايس آءِ جي آسامي خالي نه هئي ته ٻي ڪنهن پوسٽ تي ڪوٽا تحت ڀرتي ڇو نه ڪئي وئي، وائليشن ڪرڻ تي عدالت ڇو نه ڪارروائي ڪري، جنهن بعد آءِ جي جيل عدالت کي معافي جي استدعا ڪئي، جنهن بعد عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان کي درخواستون آيون آهن ته جيل کاتي رشوت عام هلي ٿي، جيل کاتي ۾ مقرريون ۽ بدليون پئسن عيوض ڪيو ٿا، قيدين سان ملاقات جا اگهه مقرر ڪيا ويا آهن، قيد ڪاٽيندڙن جي قانون موجب اصلاح نه پئي ڪئي وڃي، ان موقعي تي آءِ جي جيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته مون ڪجهه عرصي ۾ ٿوري تبديلي آندي آهي، وڌيڪ مثبت تبديلي لاءِ ڪوشش وٺندس، جنهن کانپوءِ عدالت آءِ جي جيل کي معافي ڏيندي سن ڪوٽا تحت درخواستگذار کي نوڪري ڏئي رپورٽ 4 ڊسمبر تائين جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.