| سکر ۾ واپارين کان ڀتو طلب، بدامني خلاف مارڪيٽ بند ڪري ڌرڻو |
سکر (بيورو رپورٽ) ميڊيسن مارڪيٽ جي دڪاندارن مبينه ڀتو طلب ڪرڻ خلاف مارڪيٽ بند ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. دڪاندارن ڀتا خوري نامنظور واپارين کي تحفظ ڏيو جا زور دار نعريبازي ڪئي، دڪاندارن جڳديش ڪمار، پرديپ ڪمار ۽ ٻين الزام مڙهيندي دانهيو آهي ته ميڊيسن مارڪيٽ ۾ صحافي سڏائيندڙن دڪاندار کان مبينا ڀتو طلب ڪيو، هر ايندڙ ڏينهن تي دڪاندارن کي تنگ ڪرڻ معمول بڻجي ويو آهي، مجبور ٿي ميڊيسن مارڪيٽ جا اڍائي سئو کان مٿي دڪان بند ڪري احتجاج ڪيو آهي. هنن صحافتي تنظيمن ۽ پوليس جون اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺي دڪاندارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هنن چتاءٌ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن انصاف ۽ تحفظ فراهم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.