سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ واپاري ۽ پ پ اڳواڻ جي مئنيجر کان هٿياربند 60 لک روپيا، ۽ موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا، پوليس واردات کي شڪي قرار ڏئي ڇڏيو
سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد سبزي منڊي ۾ هٿياربندن دڪان ۾ داخل ٿي گمبٽ جي واپاري ۽ پ پ اڳواڻ عبدالغفار جي مئنيجر جميل شيخ کان 50 لک روپيا ۽ موبائيل فون هٿيارن جي زور تي ڦر ڪري ويا
واپارين مطابق سبزي منڊي جي مک گيٽ تي پوليس چوڪي آهي ان باوجود موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن هٿيارن جي زور تي سري عام ايڏي وڏي رقم ڦري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا، واردت دوران پوليس غائب هئي
اطلاع ڏيڻ بعد پوليس پهتي، جوابدار پوليس کان کان اڳ ئي کسڪي هليا ويا، رابطو ڪرڻ تي سائيٽ ايريا ٿاڻي جي ايس ايڇ او علي محمد مهر مطابق 60 لک روپين مان في واپاري کي ڏيڍ لک جي حساب سان 10 واپارين کي ادائگي ڪئي وئي هئي، واردات شڪي پئي لڳي،
پوليس موجب ڪرائم سين يونٽ واقعي واري هنڌ پهچي شاهديون گڏ ڪيون آهن وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي
هوڏانهن پ پ اڳواڻ عبدالغفار جو چوڻ آهي ته منهنجي مئنيجر کان 60 لک روپين کان وڌيڪ رقم ڦر ڪئي وئي آهي، پوليس طرفان واقعي کي مشڪوڪ قرار ڏيڻ تي افسوس آهي
سندس چوڻ هو ته مئنيجر جميل شيخ 20 سالن کان ڪم ڪندو آهي مونکي مٿس پورو ڀروسو آهي، پوليس واردات کي شڪي بڻائڻ بدران جاچ ڪري ۽ جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڇي