سکر ۾ وڏي ڪارروائي: غير معياري مرچ مصالحا تيار ڪندڙ 3 فيڪٽريز سيل

آڪٽوبر 19, 2023

سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ وڏي ڪارروائي دوران غير معياري مرچ مصالحا تيار ڪندڙ 3 فيڪٽريز سيل ڪيون ويون

سکر ۾ حساس ادارن، روينيو، خوراڪ کاتي ۽ پوليس گوليمار واري علائقي ۾ گڏيل ڪارروائي ڪئي، غير معياري مرچ مصالحا تيار ڪندڙ 3 فيڪٽريز سيل کي سيل ڪيو ويو

ڪارروائي دوران فيڪٽريز کان ماهوار رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ سنڌ فوڊ اٿارٽي جا 2 ملازم پڻ گرفتار ڪيا ويا

فيڪٽريز تي ڇاپا هڻندڙ گڏيل ٽيم مصالحن ۾ ملاوٽ ۽ صحت لاءِ هاڃيڪار مواد ملائڻ وارو سامان ضبط ڪري ڇڏيو، ڇاپي وقت فيڪٽريز جا مالڪ فرار ٿي ويا

 ڇاپو هڻندڙ ٽيم موجب ٽئي فيڪٽريز اڳ به سيل ڪيون ويون هيون ان بعد اهي ٻيهر غيرقانوني نموني کولي صحت لاءِ هاڃيڪار مرچ مصالحا تيار ڪيا پئي ويا

Leave A Comment