سکر ۾ وڪيل-پوليس تڪرار: ايس ايچ او جا گرفتاري وارنٽ جاري

 سکر ۾ وڪيل-پوليس تڪرار: ايس ايچ او جا گرفتاري وارنٽ جاري

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي عدالت ايس ايچ او  اي سيڪشن امام الدين چانڊيو جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتار وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. عدالت ايس ايچ او  اي سيڪشن ۽ ٽرئفڪ اهلڪار خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي 20 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڊسٽرڪٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري ذوالفقار علي ملاڻو ۽ نائب صدر غلام مصطفيٰ ڀنڀرو کي پسٽل ڏيکاري هراسان ڪرڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ بدتميزي واري واقعي جي ايف آءِ آر ايس ايچ او  امام الدين چانڊيو ۽ اهلڪار قربان شيخ خلاف داخل ڪرائڻ بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران اي سيڪشن امام الدين چانڊيو عدالت ۾ پيش نه ٿيو. وڪيل علي احمد خان مطابق عدالت پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايس ايچ او  اي سيڪشن جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. عدالت ايس ايچ او  امام الدين چانڊيو ۽ ٽريفڪ اهڪار قربان شيخ  خلاف ايف آ3 آر واري درخواست جي ٻڌڻي 20  ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.