| سکر ۾ پورهيت جو گولي لڳل لاش هٿ: ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيڻ جا اطلاع |
سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ پورهيت جو گولي لڳل لاش هٿ آيو آهي، جنهن بابت ڦر دوران مذاحمت تي نوجوان کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جا اطلاع هلي رهياآهن. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر بس ٽرمينل ويجهو قائم نجي هوٽل تي مزدوري بعد رات جو دير سان گهر ويندڙ پورهيت نوجوان محمد يعقوب ولد دولت خان کوسو کي نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي نوجوان جو لاش سکر سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي. اطلاع آهن ته نوجوان کان هٿياربندن موٽر سائيڪل ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي مذاحمت تي کيس فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. پوليس مطابق کوجي ڪتن ۽ پيراٺن جي مدد سان پيرا کنيا ويا آهن جيڪي لکڻ جي ڳوٺ وٽ پهتا آهن، وڌيڪ ڪيس جي جاچ جاري آهي جلد حقيقتون معلوم ڪري ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ٻئي طرف نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.