سکر ۾ پيرسن جو قتل ڪيس وڪيل تي داخل: احتجاج، عدالتن جو بائيڪاٽ

سکر ۾ پيرسن جو قتل ڪيس وڪيل تي داخل: احتجاج، عدالتن جو بائيڪاٽ

سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي سعيد اباد ويجهو ڳوٺ حسين بخش لاشاريءَ واسي پيرسن تاج محد لاشاريءَ جو قتل ڪيس ايئرپورٽ ٿاڻي تي سندس گهرواري مسمات مير زادي لاشاري جي فرياد تي 7 ڄڻن وڪيل نديم لاشاري، آصف علي، عابد علي، عبدالحق، محمد اشرف، سليم ۽ لعل خان خلاف داخل ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدارن سان خوني تڪرار هلندڙ آهي زمين تي وڃي رهيا هئاسين ته نامزد جوابدارن حملو ڪري مڙس تاج محمد لاشاري کي قتل ڪيو آهي. جوابدار نديم لاشاريءَ ۽ ٻين هم صلاح ٿي ڪلاشنڪوف جا فائر ڪري تاج محمد لاشاريءَ کي قتل ڪيو آهي ۽ ٻين جوابدارن خوف ۽ حراس ڦلهائڻ لاءِ هوائي فائرنگ ڪئي آهي. ٻئي طرف ڳوٺ حسين بخش لاشاريءَ جي رهواسين مسمات انور خاتون، شير محمد لاشاري ۽ ٻين پريس ڪلب پهچي پاڪ ڪتاب هٿن ۾ کڻي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين مطابق قتل ڪيس ۾ نامزد ستن جوابدارن مان پوليس ڪنهن به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪيو، صدام لاشاري ڦورن هٿان مارجي ويو هو، جنهنجو الزام اسان مٿان لڳايو ويو. ڪيس داخل ٿيڻ بعد پوليس اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو، پر اسان جي پيرسن جو قتل ڪيس داخل ٿيڻ باوجود ڪو تحرڪ ناهي ورتو ويو. هنن ڊي آءِ ۽ ايس ايس پي سکر کان نوٽيس قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڏياريو وڃي. هوڏانهن ڊسٽرڪٽ بار سکر پاران وڪيل نديم لاشاري مٿان قتل ڪيس داخل خلاف وڪيل اڳواڻ شفقت رحيم راجپوت، ذوالفقار علي ملاڻو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي عدالتي ڪاروايون جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. هنن چيو ته. وڪيل نديم لاشاري کي قتل ڪيس ۾ ناحق ڦاسايو پيو وڃي هو بيگناهه آهي. پيرسن بيماري آهي لاڪپ۾ ئي فوت نه ٿي وڃي جنهن تي وڪيلن اُن پيرسن کي ڇڏايو هو، ٻڌايو پيو وڃي ته پيرسن پاڻمرادو فوت ٿي ويو آهي جنهن کي گوليون هڻي اُن جي قتل ڪيس ۾ وڪيل نديم لاشاريءَ جو نالو ڏنو ويو آهي ته جيئن صدام لاشاري جي قتل ڪيس مان بچي سگهن. ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڪيل نديم لاشاري جو نالو پيرسن تاج محمد لاشاري جي قتل ڪيس مان خارج ڪرائي انصاف ڏياري.