سکر ۾ ڊراما فيسٽيول، ڀوتارڪو نظام ۽ ننڍپڻ جو شاديون عنوان

جُون 5, 2023

سکر ( بيورو رپورٽ) سکر آرٽس ڪائونسل طرفان سکر جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي تعاون سان ستن ڏينھن جو سنڌي، اردو اسٽيج ڊراما فيسٽيول 2023ع شروع ٿي ويو

سينگار علي سليم آڊيٽوريم هال ۾ سليم راجا جي ڊائريڪشن هيٺ مٽي جا ماڻهو اسٽيج ڊرامو پيش ڪيو ويو، اسٽيج ڊرامو ڏسڻ لاءِ وڏي انگ ۾ عورتون، مرد توڙي ٻارڙا آڊيٽوريم پهتا،

نامور اديب شاعر ادل سومرو، اياز گل، ممتاز بخاري، اختر درگاھ، مهر خادم ٻين شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن طرفان بهترين اداڪاري تي اداڪارن کي ڀرپور نموني داد ڏنو ويو

ان موقعي تي سکر آرٽس ڪائونسل جي ڊراما ڪاميٽي جي ميمبر ۽ ڊائريڪٽر حسن عباس ٻڌايو ته فيسٽول ستن ڏينهن تائين جاري رهندو جنهن ۾ پنج سنڌي ۽ ٻه اردو ڊراما شامل آھن جيڪي شيڊيول موجب پيش ڪيا ويندا

لاڳاپيل پوسٽون

  • هندو ڀينرن ۽ نينگر جي بازيابي لاءِ ڪٺ

  • ناري سنديا باگڙي اغوا: وارثن جون دانهون، ماتم

  • 3 نوجوان اغوا، 70 لک رپيا ڀنگ طلب

  • ڪلثوم مستوئي جي قاتل جو اعتراف