سکر ۾ ڦر مزاحمت تي پيٽرول پمپ مالڪ گوليون هڻي قتل، گارڊ زخمي

سکر ۾ ڦر مزاحمت تي پيٽرول پمپ مالڪ گوليون هڻي قتل، گارڊ زخمي

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر  ۾ واپاري ڦر دوران گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل، گارڊ زخمي، آءِ جي سنڌ واقعي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي سکر کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد عسڪري پارڪ ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي ڏينهن ڏٺي جو ٻن موٽر سائيڪل سوار چار هٿياربندن ڪار ۾ سوار نجي پيٽرول پمپ جي مالڪ کان لکين رپيا ڦر ڪيا، مزاحمت تي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري پيٽرول پمپ مالڪ نياز بگٽي ۽ سيڪيورٽي گارڊ وارث ميمڻ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، اسپتال ۾ پيٽرول پمپ مالڪ نياز بگٽي دم ڏئي ڇڏيو، مقتول نياز بگٽي جي وارثن ٻڌايو ته نياز بگٽي پيٽرول پمپ کان رقم کڻي ڪار تي سوار ٿي بئنڪ ۾ جمع ڪرائڻ وڃي رهيو هو ته چئن جوابدارن ٻنهي پاسن کان هلندڙ ڪار کي گهيري ورتو، رقم ڦر ڪرڻ کانپوءِ هٿياربندن فائرنگ ڪئي، واضح رهي ته گذريل رات رڪشا شوروم جي واپاري عبدالوحيد بنڌاڻي کان 12 لک رپيا رقم ۽ 90 هزار رپين جا بانڊ ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته 16 اپريل تي هٿياربندن بيٽريءَ جي واپاري وڪاش ڪمار کي دڪاندار اندر ڦر فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ کانپوءِ آساني سان فرار ٿي ويا. هوڏانهن آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جو نوٽيس وٺندي انچارج ڊي آءِ جي سکر کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. اِن سان گڏ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي ٽيڪنالاجي استعمال ڪري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.