سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾هٿياربندن ڦر مزاحمت تي ڪپڙي جي مشهور واپاري واپاري حافظ حماد انصاري کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو
ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب شهر جي مشهور حافظ ڪلاٿ هائوس جي مالڪ حافظ حماد انصاري جو لاش گيراج مان هٿ آيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال سکر منتقل ڪيو
وارثن جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل سوار اڻڄاتل هٿياربند نئين الٽو ڪار ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت تي واپاري کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، هٿياربند پنهنجي موٽر سائيڪل ڇڏي ڪار ۾فرار ٿي ويا آهن
ٻئي طرف پوليس سي سي ٽي وي ڪئمرائن توڙي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان جاچ ڪري ڪجهه ئي ڪلاڪن ۾ انڌو قتل ڪيس حل ڪري ورتو آهي
پوليس جوابدار اسامه شيخ جيڪو مقتول نوجوان حماد انصاري جو ويجهو دوست هو ان کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن ڏوهه جو پڻ اعتراف ڪيو
پوليس موجب جوابدار اسامه شيخ اعتراف ڪيو آهي ته هن پئسن جي لالچ ۾ اچي اهڙو قدم کنيو جڏهن ته پوليس قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل به هٿ ڪري ورتو آهي