سکر ۾ گم ٿيل نينگر اغوا بعد ڳلو ڪپي قتل، لاش درياهه ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف، 2 ڄڻا گرفتار
نومبر 17, 2024
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ نينگر کي اغوا بعد تيز ڌار اوزار سان ڳلو ڪٽي قتل ڪرڻ بعد لاش سنڌو درياهه ۾ لوڙهڻ جو انڪشاف، ڪيس داخل، 2 جوابدار گرفتار، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن قتل جو اعتراف ڪيو آهي، خبر موجب اي سيڪشن ٿاڻي تي واقعي جي ايف آءِ آر مقتول نينگر جي والد اعجاز ميراڻيءَ جي فرياد تي داخل ڪئي وئي، ڳوٺ لائق ماڪه آئرن مارڪيٽ جي رهواسي فريادي اعجاز ميراڻي ايف آءِ آر ۾ ڄاڻايو آهي ته 28 آڪٽوبر تي 14 ورهين جي سندس پٽ فهيم ميراڻي دوڪان تان واپس گهر نه آيو، جنهن جي گهڻي ڳولا ڪئي، پر ڪا خبر نه پئي، 10 نومبر تي ماسات اظهر ميراڻي موبائيل تي ڪال ڪري فهيم جي بازيابيءَ لاءِ اسان کان 10 لکن جي گهر ڪئي ۽ ڄاڻايل رقم ٽن ڏينهن اندر گڏ ڪرڻ جو چيو، غريب هجڻ سبب رقم جو بندوبست نه ٿي سگهيو، ٽن ڏينهن بعد ساڳي نمبر تان مس ڪالز آيون، اسان رابطو ڪيو پر رابطو نه ٿي سگهيو، جنهن بعد نمبر جي معلومات ڪئي ته خبر پئي اهو نمبر نئين ڳوٺ جي رهواسڻ مسمات نجمه زال محمد بلال بنڌاڻي جي نالي تي آهي ۽ استعمال سندس پٽ عثمان ڪندو آهي، اسان جوابدار عثمان بنڌاڻي وٽ نئين ڳوٺ ۾ واقع گهر پهچي واسطا، منٿون ڪيون ته پٽ واپس ڏيو، جنهن تي عثمان اعتراف ڪيو ته 10 لک روپين لاءِ مون فون ڪئي هئي، سڪي تلاب ۾ فهيم سان گڏ ڪم ڪندڙ ابوبڪر پٽ عبدالجبار بنڌاڻي ۽ مان قتل لاءِ فهيم کي اغوا ڪيو، اسان ٻنهي تنهنجي پٽ فهيم کي ڇري سان ڳلو ڪٽي ان کي قتل ڪري لاش درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو آهي، جوابدار عثمان بنڌاڻي اسان کي ڌمڪيون ڏنيون ته جيڪڏهن ڪنهن کي ٻڌايو ته توهان کي به قتل ڪري ڇڏيندس، مقتول نينگر جي والد اعجاز ميراڻي پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته 28 آڪٽوبر تي منهنجي پٽ فهيم کي اغوا ڪري، زيادتي بعد قتل ڪيو ويو، جوابدار عثمان بنڌاڻي فون ڪري 10 لک روپيا گهريا هئا، پورهيت اعجاز ميراڻي مطابق اهڙو اطلاع ايس ايس پي سکر امجد احمد شيخ کي ڏنو، پوليس جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان پٽ جي قاتلن عثمان بنڌاڻي ۽ ابوبڪر بنڌاڻيءَ کي گرفتار ڪيو آهي، جن پوليس آڏو ڏوهه جو به اعتراف ڪيو آهي، هن چيو ته جوابدارن منهنجي پٽ کي بدفعلي بعد بيدرديءَ سان قتل ڪيو، اعتماد جوڳن ذريعن ٻڌايو آهي ته جوابدار ابوبڪر بنڌاڻي گڏ ڪم ڪندڙ نينگر فهيم سان بدفعلي ڪندو هو، جنهن متعلق نينگر جي وارثن کي به خبر پئي هئي، جنهن تي انهن جي ابوبڪر بنڌاڻي سان منهن ماري به ٿي هئي.