سکر ۾ گودام تي ڇاپو، ذخيرو ڪيل 5 هزار ڪڻڪ ٻوريون هٿ

سکر ۾ گودام تي ڇاپو، ذخيرو ڪيل 5 هزار ڪڻڪ ٻوريون هٿ

سکر (بيورو رپورٽ) اسسٽنٽ ڪمشنر نيو تعلقه بشرا منصور جي اڳواڻي ۾ خوراڪ کاتي جي عملدارن سان گڏجي انٽيلجنس رپورٽ تي سائيٽ ايريا ۾ واقع اوم پرڪاش جي هڪ گودام تي ڇاپو هڻي اسٽاڪ ڪيل 5 هزار ڪڻڪ جو ٻوريون هٿ ڪري گودام کي سيل ڪيو ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر نيو تعلقه بشرا منصور مطابق انٽيليجنس رپورٽ تي سائيٽ ايريا ۾ واقع گودام تي ڇاپو هنيو ويو. اوم پرڪاش جي گودام کي سيل ڪيو ويو آهي. قانوني ڪاروائي 5 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون سرڪاري تحويل ۾ ورتيون وينديون.