سکر ۾ 2 معصوم ڀيڻ ڀاءُ ڪار ۾ لاڪ ٿيڻ بعد ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت

جُون 17, 2023

سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، 2  معصوم ڀاءُ ڀيڻ ڪار ۾ ساھ ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا آهن،

 سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد قريشي ڳوٺ واري علائقي ۾ ٻه معصوم ٻار ڀاءُ ڀيڻ ڪار ۾ لاڪ ٿيڻ بعد ٻوساٽجي فوت ٿي ويا آهن

پوليس مطابق علائقي ۾ فوتگي سبب خيرات جي ماني هلي رهي هئي ٻارڙا گهٽي ۾ بيٺل ڪار ۾ وڃي ويهي رهيا ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ ڳولا ڪرڻ تي ٻنهي ٻارڙن جا لاش ڪار مان هٿ آيا

 فوت ٿيلن ۾ 10 ورھين جو علي رضا ۽ سندس چئن ورھين جي ڀيڻ عليشا ڌي ساجد علي شاهد قريشي شامل آهن، ٻنهي معصوم ٻارڙن جي فوت ٿيڻ بعد گھر ۾ ڪھرام مچي ويو

Leave A Comment