سکر ۾ 2 وڌيڪ خون جرڳن جي ور چڙهي ويا، 42 لک ڏنڊ ۾ لئي مٽي

آگسٽ 20, 2023

سکر(بيورو رپورٽ) سکر جي بچل شاهه مياڻي ۾ ظفر ميراڻي ۽ ديدار ميراڻي جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو علائقي جي نيڪ مردن

لياقت علي مهر، نذير ميراڻي ۽ ياسين ميراڻي جي سربراهي ۾ ٿيو. جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا مشير، علائقي واسي وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. نبيري ۾ ڳالهيون ٻڌڻ بعد ظفر ميراڻي واري ڌر مٿان هڪ قتل ۽ هڪ زخمي جو ڏوھ ثابت ٿيو، جنهن بعد فتويٰ جاري ڪئي وئي

ته ظفر ميراڻي جي ڌر مٿان مجموعي طور 42 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو، ديدار ميراڻي جي ڌر پاران کين ٻه لک رپيا معاف ڪيا ويا، جڏهن ته 40 لک ڏنڊ جي رقم مان پنج لک رپيا ظفر ميراڻي جي ڌر ٿڏي تي ادا ڪيا، بقايا 35 لک رپيا هڪ مهيني ۾ ادا ڪرڻ جو ڌر کي پابند بڻايو ويو

نبيري بعد ٻنهي ڌرين کي قرآن پاڪ تي ڀاڪر پارايا ويا. واضع رهي ته سکر جي بچل شاھ مياڻي ۾ پنج سال اڳ ظفر ميراڻي ۽ ديدار ميراڻي جي ٻن  ڌرين ۾ جهيڙو شروع ٿيو، ظفر ميراڻي جي ڌر مٿان فائرنگ ڪري نوجوان راجا ميراڻي کي قتل ۽ عظميٰ ميراڻي کي زخمي ڪرڻ جو الزام هيو

واقعي جو ڪيس ايئرپورٽ ٿاڻي تي 16 ڄڻن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪرايو ويو هو جنهن ۾ يوسي چيئرمين اشفاق ميراڻي سميت اٺ ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو جن کي عدالت عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي جڏهن ته ڪيس ۾ ڄاڻايل 8 جوابدار روپوش قرار ڏنل ھئا. ڌريون کير کنڊ ٿيڻ کان پوءِ ڪيس تان هٿ کنيو ويندو

Leave A Comment