سکر ۾ 26 مغوي بازياب ڪرائي 12 جوابدار مارڻ جي دعويٰ، 72 گينگز برسٽ

سکر ۾ 26 مغوي بازياب ڪرائي 12 جوابدار مارڻ جي دعويٰ، 72 گينگز برسٽ

سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس پاران سال 2025 جي ڪارڪردگي رپورٽ جاري. 2016 پوليس مقابلن ۾ 12 جوابدار مارڻ، 60 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ ۽ 26 مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ. اِن ڏس سکر پوليس جي ترجمان شاهجهان سومرو موجب ايس ايس پي سکر اظهر مغل دعويٰ ڪندي چيو آهي ته سال 2025 دوران 216 پوليس مقابلن ۾ 12 جوابدار مارجي ويا. جڏهن ته 60 جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو. 72 گينگ بسرٽ ڪيا ويا. 26 مغوين کي باحفاظت بازياب ڪرايو ويو. پڌرائي مطابق 251 اشتهاري، 721 روپوش جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو. 600 منشات فروشن ۽ 713 جوارين کي گرفتار ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏهن ته جوابدارن وٽان 5 ڪلاشن ڪوف، 4 شارٽ گنز، 192 پسٽل، 10 رائفل، 17 ڪارتوس، 6 هزار 237 گوليون. 33 چوري، ڦر ٿيل ڪارون، 81  گاڏيون، 327 موٽر سائيڪلز، 101 موبائيل فون برآمد ڪيا ويا. اهڙي ريت  منشيات فروشن خلاف ڪارواين دوران 190 ڪلو 400 گرام چرس، هڪ ڪلو 937 گرام آئس، 51 گرام هيروئن، گٽڪو آداب 2 هزار 772 ڪلو 720 گرام، شراب جون بوتلون 3 هزار 567 ۽ ڀنگ 76 ڪلو 470 گرام برآمد ڪرائڻ جي دعوي ڪئي وئي آهي.