| سکر _شڪارپور وچ ۾ پيپلز بسون هلائڻ جو اعلان |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پاران هلندڙ هفتي سکر کان شڪارپور تائين پيپلز بس شروع ڪرڻ جو اعلان، ٻئي مرحلي ۾ خيرپور کان روهڙي ۽ خيرپور کان راڻيپور جي روٽن تي به پيپلز بس هلائي ويندي. ان حوالي سان سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ٽرانسپورٽ کاتي جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ھلندڙ ھفتي سکر کان شڪارپور تائين پيپلز بس جي شروعات ڪئي ويندي. جنھن سان ٻنھي شھرن وچ ۾ سفر ڪندڙ ھزارين مسافرن کي سھولت ملندي، ٻئي مرحلي ۾ خيرپور کان روھڙي ۽ خيرپور کان راڻيپور وارن روٽس تي به پيپلز بس شروع ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ نيٽ ورڪ کي وسيع ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو، ڪراچي ۾ وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نوان روٽس متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ان موقعي تي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حيدرآباد ۾ حيدر چوڪ کان ڪوھسار توڙي حيدرآباد کان ٽنڊو الھيار روٽن تي به جلد پيپلز بس سروس شروع ڪبيون، اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال دوران اي وي، ھائبرڊ ۽ ڊبل ڊيڪر بسن جي خريداري، سکر ۽ حيدرآباد ۾ عورتن کي پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جون تقريبون جلد ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. سينيئر وزير چيو ته ھن مھيني جي آخر تائين اي وي ٽيڪسي بابت سموريون گھرجون مڪمل ڪيون وينديون. هوڏانهن سينيئر وزير شرجيل ميمڻ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو سان ملاقات ڪري ڪراچي ۾ پنڪ اسڪوٽي جي ورڇ بابت آگاهي ڏني،