درس ۽ تدريس جو پھريون نالو “تعليم” آھي ۽ تعليم جي لغوي معنيٰ آھي “سکيا” ۽ سکيا وري تبديلي ڏانھن وٺي وڃي ٿي ۽ تبديلي حقيقت ۾ شخصي سنوار ۽ سماجي ترقي جو هڪ وسيع تصور آهي. درس ۽ تدريس، تعليم، سکيا، تبديلي ۽ ترقي واري عمل کي علمي زبان جي اصطلاح “پيڊاگوجي” چئي ھن ڳالھ کي چٽو ڪيو ويو آھي تہ اصل ۾ ٻارن کي ڪيئن پڙھائجي ۽ سيکارجي. پيڊاگوجي درس ۽ تدريس جي لاءِ ھڪ اھڙو تہ مخصوص ۽ الڳ سائنسي ھنر ۽ طريقيڪار جو نالو آهي جنهن جي مدد سان سکڻ ۽ سيکارڻ واري عمل کي سھڻي نموني سان سرانجام ڏيڻ سان گڏ پھريان کان طئي ڪيل مقصد بہ حاصل ڪيا ويندا آھن. پيڊاگوجي تعليم جي سفر کي نظرياتي طور تي ھڪ اھڙي عمل سان جوڙي ٿي جيڪو عمل ٻار ۽ استاد جي لاءِ ڪيتريون ئي آسانيون کڻي اچي ٿو. بلوم ٽيڪسونومي تعليمي دنيا ۾ هڪ اھم فڪري صورت گيري (فريم ورڪ) آھي، جيڪا سکيا جي عمل کي منظم، باقاعده ۽ مقصدن مطابق ترتيب ڏيڻ ۾ مدد ڪري ٿي. افسوس جو مقام ھي آھي تہ سنڌ ۾ ھزارين خانگي تعليمي ادارا ابتدائي تعليم ڏيڻ واري ڪم ۾ ڪافي ناماچاري تہ رکن ٿا تہ پر حقيقت حال ھي آھي تہ اھي اڄ بہ “چاڪ ۽ ٽاڪ” واري خول مان ٻاھر ناھن نڪتا.
تعليم ڏيڻ واري عمل جو جڏھن گھرائي سان مشاھدو ڪيو وڃي ٿو تہ اسان کي معلوم ٿئي ٿو تہ ھڪ بہ ادارو اھڙو ناھي جنھن لاءِ اسان ھي دعويٰ ڪري سگھون تہ ادارا پنھنجي داخل ٻارن کي پيڊاگوجيڪل طور طريقن کي سامھون رکي پڙھائي وارو ماحول ڏئي رھيا آھن يا بلوم ٽيڪسونومي جي مطابق تعليم ڏئي رھيا آھن. 1956ع ۾، آمريڪي تعليمي نفسيات جي ماهر بينجمن بلوم ۽ ھن جي ساٿين ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو ھڪ تصور پيش ڪيو، جنهن جو بنيادي مقصد ھي هو تہ استادن ۽ شاگردن لاءِ تعليمي مقصدن کي چٽو ۽ واضح ڪيو وڃي ۽ سکيا کي مختلف سطحن جي مطابق پرکي اڳتي وڌندو ھلجي. 2001ع ۾، ھن صورت گيري کي دورِ جديد جي ضرورتن جي موجب تبديل تہ ڪيو ويو پر ان جي اصل روح ۽ جذبي کي برقرار رکيو ويو صرف انھيءَ ڪري تہ جيئن پڙھڻ پڙھائڻ واري عمل کي هڪ منظم ۽ مقصدي بڻائجي. بلوم ٽيڪسونومي سکيا جي مقصدن کي ٽن وڏين درجا بندين ۾ ورهائي ٿي: پھريون آھي علمي (ڪاگنيٽوِ)، ٻيون آھي موثر رويا (اَفيڪٽوِ) ۽ ٽيون آھي مهارتون (سائڪوموٽرز). ھنن ۾ استعمال ٿيندڙ ڇھ علمي ۽ فڪري درجا بہ شامل آهن جيڪي ھي آھن: ياد ڪرڻ، سمجھڻ، لاڳو ڪرڻ، تجزيو يا ڇيد ڪرڻ، جائزو وٺڻ يا تبصرو ڪرڻ ۽ تخليق ڪرڻ. هي سڀ مرحلا ٻار کي ھن جي سوچ جي سادي سطحن کان وٺي مٿين سطحن تائين کڻي وڃن ٿا جنھن جو فائدو ھي ٿئي ٿو تہ اسان جا ٻار نہ فقط شين کي ياد رکندا آهن، پر حاصل ڪيل ڄاڻ ۽ علم کي زندگي گذارڻ جي طور طريقن کان وٺي پنھنجي ضرورتن جي پورائي جي لاءِ استعمال ڪرڻ جا ھنر بہ سکندا آهن. پهريون مرحلو ياد ڪرڻ آهي جنهن جي مدد سان ٻار حاصل معلومات کي پنھنجي ذهن ۾ محفوظ رکندا آهن، جهڙوڪ شين جو وصفون ۽ تعريفون، تاريخون يا فارمولن کي ياد ڪرڻ. ٻيو مرحلو آھي سمجھڻ جنھن جي مدد سان ٻار حاصل معلومات کي پنهنجي لفظن ۾ بيان ڪري سگهن ٿا. ٽيون مرحلو آھي لاڳو ڪرڻ، جنهن ۾ سکيل ڄاڻ ۽ ھنر کي روزمره جي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ استعمال ۾ آڻن ٿا. چوٿون مرحلو تجزيو يا ڇيد ڪرڻ آھي جنهن جي مدد سان ٻار حاصل معلومات کي ورھائي ان جي وچ ۾ لاڳاپن ۽ تعلق کي سمجهندا آهن. پنجون مرحلو آھي جائزو وٺڻ يا تبصرو ڪرڻ جتي ٻار پنھنجا دليل پيش ڪن ٿا ۽ فيصلو يا پنھنجي آزاد راءِ قائم ڪن ٿا ۽ آخري ۽ سڀ کان اتم مرحلو آھي تخليق ڪرڻ جنھن جي مدد سان ٻار نون خيالن، تصورن يا مسئلن جا حل تيار ڪرڻ جي لاءِ پنھنجي تخليقي صلاحيتن جو خوب استعمال ڪن ٿا. تعليم ۾ بلوم ٽيڪسونومي جو هڪ وڏو فائدو ھي آهي تہ ھي استاد کي پڙهائڻ جي پوري عمل لاءِ واضح ڏسَ ڏئي ٿي. استاد سبق جون منصوبابنديون هن صورت گيري جي مطابق تيار ڪندو تہ ھن کي ھن قسم جا ڪم لازمي ڪرڻا پون ٿا: پڙھائڻ جي لاءِ گھربل مواد، سرگرميون ۽ سوال تيار ڪرڻ، ھي سڀ ڪم ٻارن کي تعليمي ترقي ڏانهن وٺي وڃن ٿا. مثال طور، هڪ ٻار جڏھن سادي سوال تي سوچڻ شروع ڪندو تہ اھا سوچ ھن کي بحث ڏانھن وٺي ويندي، بحث جائزي ڏانھن ۽ جائزو مسئلي جي حل ڏانھن وٺي ويندو ۽ حل کي تيار ڪرڻ جي لاءِ ھن جي تخليقي صلاحيت ھن جي ڀرپور مدد ڪندي اھڙي طرح سان ھي صورت گيري ھڪ ٻار جي لاءِ گھڻي فائديمند ثابت ٿي چڪي آهي ڇوتہ ھي ھنن کي سکيا ڏانهن شعوري طور تي ۽ تمام سھڻي نموني سان منظم انداز ۾ اڳتي وٺي وڃي ٿي. ٻارن کي ھي سڌ حاصل ٿي وڃي ٿي تہ ھنن جي سکيا ۽ ڄاڻ رڳو ياد ڪرڻ تائين محدود ناهي پر ھنن کي تجزيا ڪرڻ، عمل ڪرڻ ۽ ڪرائڻ، مسئلن ۽ مامرن تي پنھنجا دليل پيش ڪرڻ، حل تجويز ۽ تيار ڪرڻ جي لاءِ پنھنجي تخليقي صلاحيتن کي سھڻي نموني سان استعمال ڪرڻ تائين ھر ان ھنر کان واقف ڪري ٿي جيڪو ھنن جي عمر ۽ سمجھ جي مطابق ضروري آھي. دورِ جديد ۾، جتي مسئلا منجھيل ۽ حالتون تيز حرڪتن سان بدلجي رهيون آهن تہ اسان جي ٻارن کي ھن قسم جي تعليمي سکيا، ھنر ۽ ڪاريگري جي تمام گهڻي ضرورت ھجي ٿي. گڏيل طور تي بلوم ٽيڪسونومي نہ فقط درس ۽ تدريس جي عمل کي مضبوط ۽ مربوط ڪري ٿي پر ٻارن ۽ شاگردن جي شخصي سنوار، تنقيدي سوچ، علمي مهارت ۽ تخليقي عمل ۽ پرک کي بہ وڌائي ۽ ترقي ڏياري ٿي. ھن جي مناسب استعمال سان سکيا هڪ مڪينيڪل عمل نہ پر هڪ موثر، گهرو، سمجھ وارو ۽ مقصدن تي ٻڌل ھڪ سفر بڻجي پوي ٿي. آخر ۾ ھڪ ڳالھ تہ پيڊاگوجي، بلوم ٽيڪسونومي جي پيداور ناهي پر اصل ۾ بلوم ٽيڪسونومي پيڊاگوجي جو ئي ھڪ حصو آهي. ياد رکڻ گھرجي تہ پيڊاگوجي ھڪ تمام گھڻو پراڻو ۽ وسيع علمي تصور آهي، جيڪو تدريسي طريقيڪار، سکيا جي نظرين، استاد ۽ شاگردن جي روين ۽ لاڳاپن ۽ سکيا جي فلسفي کي بيان ڪري ٿو. اھا هزارين سالن کان موجود آهي ٻئي پاسي، بلوم ٽيڪسونومي ھڪ جديد ۽ جدتي سکيا جو طريقيڪار آھي جنھن ۾ ٻار جي سکيا وارن مقصدن کي مختلف سطحن ۾ ورهائي پڙھڻ ۽ پڙھائڻ واري عمل کي وڌيڪ سھل، آسان ۽ سڦلتو بڻايو ويو آھي.