| سڪرنڊ، قاضي احمد، دوڙ، ٻانڌي ايڪتا جي رنگن سان رڱجي ويا: ريليون: سر ورکا |
ڪراچي(نمائندن وٽان) سڪرنڊ ۾ ايڪتا عيد جا رنگ اڀري آيا، ڪارڪنن قومي گيتن تي جمهريون هنيون. انڊس پبلڪ سوشل فورم پاران اٺن ءٌ گهوڙن جي ريلي ڪڍي وئي. مک تقريب ۾ صوفي فنڪارن ڪلام ڳائي سنڌ ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. قاضي احمد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ قومي محاذ، ايس يو پي، شھري اتحاد ۽ سماجي تنظيمن پاران ريليون نڪتيون، نوجوانن قومي گيتن تي جهمريون هنيون دوڙ ۾ جسقم ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ريليون نڪتيون ، هوڏانهن ٻانڌي، گپچاڻي ۽ منهڙي ۾ ايڪتا جون ريليون نڪتيون، ان موقعي تي منشيات جي خاتمي لاءِ جدوجهد جو وچن ڪيو ويو