سڪرنڊ: آبپاشي کاتي جي داروغي پاران مبينا رشوت وٺڻ واري وڊيو وائرل

جُون 18, 2023

سڪرنڊ (رپورٽر) سڪرنڊ ۾ آبپاشي کاتي جي داروغي پاران مبينا رشوت وٺڻ واري وڊيو وائرل ٿي وئي

وڊيو ۾ داروغو پئسا ڳڻيندي نظر اچي ٿو، ذريعن موجب داروغي عباس انڙ پاران غيرقانوني نوليون لڳائڻ لاءِ هڪ آبادگار کان مبينا ڳري رشوت ورتي

وڊيو ۾ داروغو چوي ٿو ته نوليون اهڙيون طرح لڳايو جو ٻين کي خبر نه پوي، مٿان مٽي وڌي وڃي، نه ته شڪايت ڪئي وڃي ٿي ته هي هتي پائيپ لڳو پيو آهي

پڇڙي جي آبادگارن پاران غير قانوني نوليون ختم ڪرائڻ ۽ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ