سڪرنڊ جرڳي تي عمل ناهي ٿيو، ڌمڪيون پيون ملن: صوبيه شاهه   

  سڪرنڊ جرڳي تي عمل ناهي ٿيو، ڌمڪيون پيون ملن: صوبيه شاهه   

سڪرنڊ(پنهنجي اخبار نيوز) نوشهري فيروز ۾ ڏيڍ سال اڳ والد ۽ چاچي پاران تشدد ڪري ٻنهي ٽنگن کان معذور بڻايل سيد صوبيه بتول شاهه  چيو آهي ته هڪ مهينو اڳ ٿيل  جرڳي واري فيصلي تي عمل ناهي ٿيو، جرڳي والد غلام مصطفيٰ شاهه ۽ چاچي محمد علي شاهه کي ڏوهي قرار ڏئي 60 لک ڏنڊ وڌو هو، هن چيو ته جوابدار ڌر وارا مون کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. مون کي تحفظ ڏنو وڃي