سڪرنڊ: ستين ڪلاس جي شاگردياڻي اغوا: شڪي سوگهو

سڪرنڊ: ستين ڪلاس جي شاگردياڻي اغوا: شڪي سوگهو

سڪرنڊ( ن پ ا )سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ مجيد ڪيريو مان ستين ڪلاس جي شاگردياڻي 13 سالن جي زبيده سولنگي  اغوا ٿي وئي، سندس ڀاءُ عرفان سولنگي سڪرنڊ ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڄاڻايو ته عزيز الله ، امان الله ، آصف موچي سندس ڀيڻ زبيده سولنگي کي اغوا ڪرڻ بعد غائب ڪري ڇڏيو آهي پوليس ھڪ شڪي ھدايت الله موچي کي گرفتار ڪري ورتو