سڪرنڊ پوليس ڪرڪيٽر صهيب مقصود ۽ عامر يامين کي به نه بخشيو، 8 هزار رشوت ورتي

نومبر 28, 2023

سڪرنڊ (رپورٽ:نياز چانڊيو) رات دير سان پاڪستان ڪرڪٽ ٽيم جا 2 رانديگر صھيب مقصود ۽ عامر يامين ڪراچي کان ملتان وڃي رهيا هئا ته سڪرنڊ لڳ قومي شاهراھ تي سڪرنڊ پوليس کين تلاشي بهاني روڪي ورتو، ڪرڪيٽرن پوليس اهلڪارن تي الزام هنيو آهي ته سڃاڻپ ڪرائڻ باوجود پوليس اهلڪارن اسان کي نه ڇڏيو،  بعد ۾  اسان کان پوليس 8000 روپيا رشوت وٺي ڇڏيو ويو، جڏهن ته اهڙي شڪايت رانديگرن پاران ڪرڪيٽ بورڊ کي ڏني وئي، بعد ۾ آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي شهيد بينظيرآباد کي انڪوائري لاءِ مقرر ڪيو ويو، جاچ بعد رشوت وٺڻ جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي ايس ايچ او سڪرنڊ عبدالمجيد آرائين کي معطل ڪيو ويو، جڏھن ته 4 پوليس اهلڪارن موبائل ڊرائيور ممتاز زرداري، جمعدار الهڏنو جمالي، سپاهي اختر انڙ ۽ سپاهي گلزار زرداري کي سسپينڊ ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو. جڏهن ته اهلڪارن خلاف سرڪاري فرياد تي ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽرن جي ٽوئيٽس بعد آءِ جي سنڌ رفعت مختار معاملي جو نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کي جاچ جو حڪم ڏنو، ڊي آءِ جي فوري طور ايڪشن کڻندي سڪرنڊ ٿاڻي جي 4 اهلڪارن کي گرفتار ڪرائي ورتو، جن خلاف ڪرڪيٽرن کان رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ ڪيس به داخل ڪيو ويو ۽ ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي کي معطل ڪيو ويو آهي

ڀاڳن وارا آهيون جو سنڌ نه پر پنجاب ۾ رهون ٿا: صهيب مقصود جي ٽوڪ

ڪراچي(م ڊ) ڪرڪيٽر صهيب مقصود پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته اسان خوش قسمت آهيون جو سنڌ نه پر پنجاب ۾ رهون ٿا. پنهنجي زندگي ۾ پهريون ڀيرو ڪراچي کان ملتان روڊ وسيلي وڃي رهيو آهيان سنڌ جي پوليس ايتري ڪرپٽ آهي جو اسان کي هر 50 ڪلوميٽرن کانپوءِ روڪيو وڃي ٿو ۽ پئسا گهريا وڃن ٿا نه ڏيڻ تي بنا سبب ٿاڻي وٺي وڃڻ جي ڌمڪي ڏين ٿا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته جيڪڏهن توهان هنن کي پئسا ڏيو ٿا ته هو 50 ڪلوميٽرن بعد وري روڪين ٿا ۽ وري پئسا گهرن ٿا سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن عروج تي آهي. هن چيو ته اسان هنن کي ٻڌايو ته اسان انٽرنيشنل ڪرڪيٽر آهيون ۽ ملتان ميچ لاءِ وڃون پيا پوءِ به انهن 8 هزار رپيا وٺي پوءِ وڃڻ ڏنو.

صهيب مقصود جي سنڌ ۾ نه رهڻ بابت ڪمينٽ تي سخت تنقيد

ڪراچي(م ڊ) ڪرڪيٽر صهيب مقصود ٽوئيٽ ۾ سنڌ ۾ نه رهڻ تي خدا جو شڪر ادا ڪيو جنهن تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. سينئر صحافي ناصر بيگ چغتائي چيو ته صهيب مقصود ڪرڪيٽر آهي سندس ڪرڪيٽ بابت به گهڻو نه ٿو ڄاڻان پر هن کي سنڌ جي باري ۾ اهو نه چوڻ گهرجي ها. پنجاب پوليس به موٽر وي تي عورت سان لڄالٽ ڪئي هئي. نصير ميمڻ به چيو ته ڪرپشن سموري ملڪ ۾ آهي ان تي اهڙا ڪمنٽ نه ڪرڻ گهرجن. رب نواز بلوچ به تنقيد ڪئي.

Leave A Comment