سڪرنڊ لڳ ڪارنهن الزام هيٺ ڀاءُ هٿان ڀيڻ گهٽا ڏئي قتل، لاش پوري ڇڏيو

مَي 17, 2025

سڪرنڊ(رپورٽ: نياز چانڊيو) سڪرنڊ ويجهو ماڙي جلباڻي ٿاڻي جي حد ۾ جوابدار ڀاءَ الهه بخش جلباڻي پاران 15 ڏينهن اڳ پنهنجي ڀيڻ 20 ساله سومل ڌي حاجي دودو جلباڻي کي سنڌو درياءَ ڀرسان ڪچي ۾ گهٽا ڏئي قتل ڪري لاش دفنائي ڇڏيو، سندس ڀاءَ خدا بخش جلباڻي پاران چار ڏينهن اڳ ماڙي جلباڻي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرائيندي ڄاڻايو هو ته منهنجي ڀاءَ الهه بخش جلباڻي پئسن عيوض ڀيڻ کي وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد ماڙي جلباڻي پوليس کيس گرفتار ڪيو. پڇا ڳاڇا تي جوابدار اعتراف ڪندي چيو ته مان پنهنجي ڀيڻ سومل جلباڻي کي ڳوٺ جي مختلف ماڻهن جي گهر وڃڻ ۽ اسان جي دشمن جي گهر وڃڻ تان ناراض ٿي کيس قتل ڪيو آهي ۽ کيس ڪچي ۾ دفن ڪري ڇڏيو آهي ماڙي جلباڻي پوليس جوابدار جي نشاندهي ڪرڻ تي سندس پاران 15 ڏينهن اڳ دفنايل ڀيڻ جو لاش پڻ هٿ ڪري تعلقه اسپتال سڪرنڊ منتقل ڪيو. جتي لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

جوابدار ڀيڻ کي گهٽا ڏئي قتل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا: پوليس

سڪرنڊ: ماڙي جلباڻي ٿاڻي جي ايس ايچ او مصري خاصخيلي ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي ڀيڻ کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي، وڌيڪ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ڪارروائي ڪئي ويندي، سومل جلباڻي جي والد دودو جلباڻي پاران دليل ديرو ڀرسان بروهين مان ٻئي شادي ٿيل هئي جنهن مان سومل جلباڻي هئي.

ڀيڻ کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري لاش پوري ڇڏيو هو: جوابدار

سڪرنڊ: جوابدار 15 ڏينهن اڳ ڀيڻ سومل جلباڻي کي سنڌو درياءَ جي ڪناري تي پهچي قتل ڪرڻ  کان پوءِ  لاش پوري ڇڏيو هو، ٻئي ڀاءُ پاران وڪرو ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرڻ تي جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو ته  ڀيڻ سومل کي مون قتل ڪيو آهي.

 

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت