سڪرنڊ لڳ ڪوچ ڪلٽي: حيدرآباد واسڻ سوڌو 2 فوت : 4زخمي

سڪرنڊ لڳ ڪوچ ڪلٽي: حيدرآباد واسڻ سوڌو 2 فوت : 4زخمي

سڪرنڊ (ن پ ا ) سڪرنڊ لڳ ڪوچ ڪلٽي: حيدرآباد واسڻ سوڌو 2 فوت : 4زخمي، ان ڏس ۾سڪرنڊ ويجهو چوٿون ميل اسٽاپ وٽ قومي شاهراهه تي راولپنڊي کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ گڏهه کي بچائيندي ڪلٽي ٿي پئي. جنهن جي نتيجي ۾ عورت سميت 2 ڄڻا عظميٰ بلوچ ۽ عاصم فوت ٿي ويا. جڏهن ته 4 ڄڻا ڪراچي واسي ڪامران رند، رخسانه بلوچ، حيدرآباد واسي عابده قريشي  ۽ شمشاد زخمي ٿي پيا آهن. زخمين کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي سرنج ، پايوڊين ۽ پٽي نه هئي، جنهن سبب مريض تڙپندا رهيا. فوتي عورت  عظميٰ  زال معشوق ھوت بلوچ حيدرآباد ۽ فوتي عاصم سعيد راولپنڊي جا رھواسي هئا.